Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

هي دنياوي لحاظ سان سُٺي ڳالھ آهي، ٻانهو اڳواٽ هدف ٺاهي ڪري هلي ته ڪاميابي ملندي آهي پر اسان غور ڪيون، هن دنيا مان وڃڻو به ته آهي، قبر ۾ به لهڻو آهي، قيامت جي ڏينهن اٿڻو به آهي، بارگاھِ الهي ۾ پيش به ٿيڻو آهي، ان جي لاءِ اسان ڇا پلاننگ ڪئي آهي؟ ان جي لاءِ ڪهڙا هدفَ بڻايا. جيئن اسان رپين پيسن جو حساب لڳائيندا آهيون، ٻارن جي تعليم، ڪاروبار، بينڪ بيلنس وغيره جي باري ۾ اهداف بڻائيندا آهيون، ايئن ئي ڪڏهن قبر ۽ آخرت بابت به غور ڪندا آهيون؟ ڇا ڪڏهن سوچيو ته مان روزانو نمازون گهڻيون پڙهندو آهيان؟ قرآنِ پاڪ جي تلاوت جي باري ۾ منهنجا ڪهڙا اهداف آهن؟ روزانو ڪيترو درود شريف پڙهندو آهيان؟ ٻارن جي لاءِ ڪڏهن اهڙي پلاننگ ڪئي؟ مثال طور ٻار جڏهن سمجهدار ٿيو ته اسان حساب لڳايون: جيڪڏهن هي هاڻي کان روزانو مثال طور 100 ڀيرا درود شريف پڙهي ته مهيني ۾ 3000 ڀيرا درود شريف پڙهي وٺندو، سال ۾ 36 هزار ڀيرا درود شريف پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، هي آخرت جو فڪر آهي، هي نيڪين جي باري ۾ پلاننگ آهي. افسوس! اسان دنياوي مُستقبل کي سنوارڻ لاءِ ته پنهنجي به پلاننگ ڪندا آهيون، ٻارن جا به اهداف ٻڌائيندا آهيون پر قبر جي زندگي سنوارڻ. آخرت جي بهترين جي لاءِ پلاننگ ناهيون ڪندا. هاءِ. افسوس..!!

آگاہ!  اپنی موت سے کوئی بشر نہیں                             سامان سو برس کا ہے پل کی خبر نہیں

ڊگهي اميد اڄوڪي دور جو  وڏو مسئلو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! * اسان جي معاشري ۾ گناھ وڌي رهيا آهن * ڀائيچارو ختم ٿي رهيو آهي * ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو آهي * چوري ڌاڙا ۽ قتل جون وارداتون وڌي رهيون آهن * گهرن ۾ جهيڙا جهٽا * ڦڏو فساد وغيره وغيره مسئلا وڌندا پيا وڃن، آخر هي ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان تي کوڙ ماڻهو تبصره