Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ناهيون ڪندا * اسان کي خبر آهي ته قبر ۾ لهڻو آهي پر اسان کي قبر جي اونداهي، اڪيلائي ۽ وحشت جو فڪر ناهي هوندو * اسان مسلمان آهيون. اسان کي يقين آهي ته قيامت جي ڏينهن مُئلن کي اٿاريو ويندو * اسان کي خبر آهي ته قيامت جو ڏينهن سخت هولناڪ ڏينهن آهي * هاءِ! اها ٽهڪندڙ زمين * باھ وسائيندڙ سج * هاءِ! افسوس! اهي جهنّم جون هولناڪيون * هاءِ! اونداهيءَ ۾ ٻڏل، وارَ کان سنهي، تلوار کان تيز پلصراط * هاءِ! افسوس اهو ميزانِ عمل جنهن تي قيامت جي ڏينهن اعمال توريا ويندا * هاءِ! افسوس اسان جو اعمال نامو، جنهن ۾ هر ننڍو وڏو عمل لکيل هوندو * قيامت جي ڏينهن مخلوق جي سامهون اسان جو اعمال نامو کوليو ويندو * ربّ جبّار ۽ قهّار جي بارگاھ ۾ حاضري ٿيندي *        هڪ هڪ نعمت، هر هر عمل جي باري ۾ پڇيو ويندو.

  اسان هي سڀ ڳالهيون ڄاڻيندا آهيون، مڃيندا آهيون، انهن تي يقين به رکندا آهيون پر افسوس! اسان کي فڪر ناهي هوندو * اسان دنيا ۾ ايئن گُم ٿي ويا آهيون ڄڻ ته ڪڏهن مَرڻو ئي ناهي * آخرت جي فڪر کان دليون خالي آهن * خوفِ خدا * خوفِ قبر * خوفِ آخرت ڪجھ به نه آهي * بَس دنيا جي رنگينين ۾ مَست * هڪ عارضي بلڪه جنهن جي اچڻ جو يقين به ناهي، اهڙي مُستقبل جي فڪر ۾ ڏينهن رات گذاريندا هلندا وڃي رهيا آهيون. هاءِ! افسوس هي غفلت...!!

دِل سے مرے دُنیا کی محبّت نہیں جاتی                      سرکار! گُنَاہوں کی بھی عادَت نہیں جاتی

دِن رات مسلسل ہے گُنَاہوں کا تسلسل                   کچھ تم ہی کرو نا یہ نحوست نہیں جاتی

گو پیشِ نظر قبر کا پُرھول گڑھا ہے

افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی

(وسائلِ بخشش،صفحہ:382 ملتقطًا۔)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد