Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

هٿ پير هڻون، ڪجھ به ڪيون، اهي اسان جو روح قَبض ڪندا، هاءِ افسوس! پوءِ جلدئي اسان کي اونداهي قبر ۾ اڪيلو لاٿو ويندو، نه ڪو ساٿي، نه ڪو حال احوال پڇڻ وارو...!! اونداهي قبر ۾ قيامت تائين اڪيلو رهڻو پوندو، پوءِ قيامت جو اهو هولناڪ منظر...!! ٽامي جي تَتَل زمين، باھ وَسائيندو سج، ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا، اڃ جي شدت سان زبان لڙڪي ڪري سيني تي اچي رهي هوندي، جگر وات ۾ اچي رهيو هوندو، پوءِ اسان جو اعمالنامو اسان جي هٿ ۾ پڪڙايو ويندو، قهر کي منهن ڏيڻو پوندو، هاءِ افسوس! ان وقت سڀ ڪيل سامهون اچي ويندو.

 اي عاشقانِ رسول! ٿورو تصور ته ڪيو! ان وقت اعمال نامو نيڪين کان خالي ڏسي ڪري ڪيتري حيرت ٿيندي...!! پوءِ خيال ايندو: هاءِ! افسوس! مون ته زندگي راند روند ۾ گذاري ڇڏي، آخرت جي لاءِ ته ڪجھ جمع ئي نه ڪيو، مون کي فڪر هو ته صرف مال ڪمائڻ جو، نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ ته فرصت ئي نه ملي، مون کي ڪارون خريد ڪرڻ، بنگلا ٺهرائڻ جو ته فڪر هو، جنّت ۾ محل ٺهرائڻ جو ته فڪر ئي نه ڪيو. هاءِ! افسوس! سوشل ميڊيا، فيس بُڪ، يوٽيوب وغيره تي گناھن ڀريا ڪم ڪرڻ جي لاءِ ته تمام گهڻو وقت هو، نماز ۽ تلاوت ۽ نيڪ اعمال جي لاءِ ڪڏهن فرصت ئي نه ملي، آفيس وڃڻ جي لاءِ ته اک کلي ويندي هئي، نمازِ فجر جي لاءِ اٿڻ جي توفيق نه ٿيندي هئي، هاءِ! زندگي بس دنيا جي عارضي، فاني، ڪجھ ڏينهن مستقبل بڻائڻ جي فڪر ۾ ئي گذري وئي، آخرت به اچڻي آهي، ربَّ جي بارگاھ ۾ حاضري به ٿيڻي آهي، زندگي جي هڪ هڪ عمل جو جواب به ڏيڻو آهي، ان جي باري ۾ ته ڪڏهن سوچيو ئي نه هو، ها! قبرستان کان گذر ٿيندو هو پر دل ۾ غفلت ڄمائي، مٿو جهڪائي ڪري چپ چاپ گذري ويندو هيس، جنازن ۾ شرڪت جا موقعا به ملندا هئا پر انهن کان عبرت ڪڏهن نه ورتي، پاڙي ۾، پنهنجي دوست احباب،