Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

عزيز رشتيدارن بلڪه پنهنجي گهر مان به جنازو کڻندي ڏٺو هو پر مون کي ڪڏهن مرڻو آهي ان جو ته ڪڏهن خيال ئي نه آيو هو. هاءِ! زندگي غفلت ۾ گذاري ڇڏي، هاڻي اعمالنامو خالي آهي. ڪاش! مون دنيا ۾ فڪر ڪيو هجي ها، ڪاش! نيڪ عملَ ڪيا هجن ها، ڪاش! نمازون پڙهيون هجن ها، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! ٻڌو! قرآن ڪريم ڇا چئي رهيو آهي:

یَقُوۡلُ یٰلَیۡتَنِیۡ  قَدَّمۡتُ لِحَیَاتِیۡ (ۚ۲۴)  (سيپارو: 30، سورة فجر: آيت: 24)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ڪاش! جو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ (ڪا نيڪي)  اڳتي موڪلي هجي ها.

   پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو ته سهي...!! قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته ڇا بڻبو. هاڻي وقت آهي، اڄ آخرت جو فڪر ڪيو، اڄ قبر جڳمڳائڻ جو فڪر ڪيو، قبر ۾، حشر ۾، پُل صراط تي ڪاميابي ماڻڻ جي لاءِ الله پاڪ جي حضور جهڪي وڃو، روئي روئي ڪري توبھ ڪيو، گناھن کي ڇڏي ڪري الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃو.

مٹا دے ساری خطائیں مِری مِٹا یارَبّ!                     بنا دے نیک بنا نیک دے بنا یارَبّ!

اندھیری قبر کا دِل سے نہیں نکلتا ڈر                            کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یارَبّ!

گنہگار ہوں میں لائِقِ جہنّم ہوں                                      کرم سے بخش مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ!

رِہائی مجھ کو ملے کاش! نفس و شیطاں سے                     تِرے حبیب کا دیتا ہوں واسِطہ یارَبّ!

میں کر کے توبہ پلٹ کر گُنَاہ کرتا ہوں        حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یارَبّ!

(وسائلِ بخشش،صفحہ:78 ملتقطًا۔)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد