Book Name:Zawal Kay Asbab

پڙھي مسلمان ٿي ويو۔([1])

نگاہِ ولی میں وہ تاثیر دیکھی                                بدلتی ہزاروں کی تقدیر دیکھی

اي عاشقانِ رسول! هي هئا پهريان جا مسلمان...!! انهن جي اَخلاق ۽ ڪردار سان متاثر ٿي ڪافِر ڪلمو پڙھندا هئا ۽ اڄ اسان جو حال ڇا آهي؟ اسان کي ڏسي ڪافر متاثر ته ڇا ٿيندا، الٽو ٿي سگھي ٿو هو اِسلام کان نفرت ڪرڻ لڳن۔

هڪ غير مسلم جو عبرتناڪ جواب

هڪ غير مسلِم مفڪر هو، ان کي ڪنهن مسلمان چيو: توهان ايترا صاحبِ نظر آهيو، عقل رکو ٿا، پوءِ مسلمان ڇو نٿا ٿيو؟ ان تي غير مسلم اهڙو ته عبرتناڪ جواب ڏنو جو ان کي ٻڌي هر غيرت مند مسلمان جو شرم سان ڪنڌ جھڪي وڃي، غير مسلم چيو: جڏهن مان ان اسلام کي ڏسان ٿو ته جيڪو مسلمانن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته منهنجي دِل ۾ اسلام جي حقّانيت (يعني سچّائي) جو چراغ روشن ٿي وڃي ٿو، منهنجي دِل چاهيندي آهي ته مان هن مقدّس ڪتابن کي سڄي زِندگي سيني سان لڳائي رکان پر جڏهن مان اُن اسلام کي ڏسان ٿو جنهن تي اڄڪلھ جا مسلمان عمل ڪري رهيا آهن ته منهنجي دِل اسلام کان بيزار ٿي وڃي ٿي۔([2])

بن گئے تنکے نشیمن کے قفس کی تیلیاں               بَن گیا کیا؟ ہم چلے تھے کیا بنانے کے لئے

وضاحت:گھر ٺاهڻو هو، قيد خانو بڻجي ويو، اسان بڻائي ڇا رهيا هئاسين؟ ۽ ڇا بڻجي ويو؟ مطلب هي ته اسان اُبتي راھ جا مسافر ٿي ويا آهيون، ٿيڻ ته هي کپي ها جو اسان ٻين جي لاءِ زِندگي جو نمونو بڻجون، اسان جي سبب اسلام کي ترقي ملي ها پر ابتو هي ڇا ٿي ويو جو ماڻهو اسان جي سبب اسلام سان نفرت ڪرڻ لڳا۔

اي عاشقانِ رسول! اسان جي ذِميداري آهي ته خَیْرُ الْاُمَمْ (يعني بهترين اُمَّت) هئڻ جو


 

 



[1]...تذکرۃ الاولیاء مترجم، صفحہ:32۔

[2]...عرفانی تقریریں، بیان: زوال کے اسباب، صفحہ:101بتغیر قلیل۔