Book Name:Zawal Kay Asbab

ويندو آهي * پٽاخا ڦاڙيا ويندا آهن * بيهودگي سان ڳانا هلايا ويندا آهن * نوجوان گھٽين ۾، رستن تي هُل هنگامو ڪندا آهن  * ڪيئي نادان جيڪي پنهنجي والدين جي پوڙهائپ جو اڪيلو سهارو هوندا آهن، هو وَن وِيلنگ جي نشي ۾ مست ٿي موت جو شڪار ٿي ويندا آهن * شراب پيتو ويندو آهي * نشي واري شين جو دل کولي استعمال ڪيو ويندو آهي۔

مختلف رپورٽس جي مطابق پاڪستان ۾ جشنِ آزادي جي موقعي تي 7 ملين يعني 70 لک ماڻهو منشيات جو استعمال ڪن ٿا، هڪ انتظامي ادارو اڃا تائين 800 ملين ڊالر جي منشيات ضبط ڪري چڪو آهي۔ افسوس! افسوس...!! ڇا اسان کي پاڪستان ان ڪري مليو هو؟ ڇا هن نعمت سان ان ڪري نوازيو هو؟

وائے ناکامی متاعِ کارواں جاتا رہا                      کارواں کے دِل سے اِحْساسِ زیاں جاتا رہا

وضاحت: افسوس! اسان جو سازو سامان (مثلاً عزّت، ترقي، ڪاميابي، عروج وغيره) سڀ تباھ و برباد ٿيندو پيو وڃي ۽ مصيبت ته هي آهي جو اسان نادانن کي هن تباهي جو اِحسَاس تائين نه آهي۔

تباهي جي بلڪل ويجھو پهتل آهيون

ڊاڪٽر اقبال چيو هو:

آ تجھ کو بتاتا ہوں تاریخِ اُمَمْ کیا ہے                      شمشیر و سنان اَوَّل، طاؤس و رباب آخر

شمشير و سنان: تلوار ۽ نيزا۔ طاؤس و رُباب: يعني ناچ ڳائڻ۔ مطلب هي آهي ته قومون پهريان خواب ڏسنديون هيون، ترقي، عروج ۽ ڪاميابي جي لاءِ جذبو ڏيکارينديون هيون، جنون هوندو آهي، بلندي ۽ عروج جي لاءِ ڏينهن رات محنت ٿيندي آهي، تڏهن الله پاڪ انهن جي محنتن جو صلو عطا فرمائيندو آهي، اُنهن کي ترقي عطا ڪئي ويندي آهي، ايستائين جو قومون بلندي ۽ عروج ۾ تارن تائين وڃي پهچنديون آهن، پوءِ هڪ وقت ايندو آهي جو ماڻهو الله پاڪ جي نعمت کي وساري ڇڏيندا آهن، غرور ۽ تڪبُّر اُنهن کي وڪوڙي