Book Name:Zawal Kay Asbab

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّية الْحَسَنَة تُدْخِلُ صَاحِبَها الْجَنّة سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])           

 اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو!  * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن دُنيا ۾ هزارين قومون آيون، ترقي ۽ عروج جي وڏي اوچائي تائين پهتيون پر وري انهن تي زوال آيو ۽ اهي تَنَزُّلي جي اونهيء کڏ ۾ وڃون ڪريون، آخر ترقي کان پوءِ پستي، عروج کان بعد زوال، ڪاميابي کان بعد ناڪامي ڇو ٿيندي آهي؟ قومون ترقي جي بلندين تائين پهچي پستي جو شڪار ڇو ٿينديون آهن؟ اڄ اسان قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ هن جا ڪي سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن هن مان ڪجھ سکي پنهنجي پاڻ کي اهڙن ڪمن کان بچائي سگھون جيڪي زوال جو سبب بڻجي سگھن ٿا، الله پاڪ اسان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ نعمتن تي هميشگي نصيب فرمائي، نعمت جي زوال کان محفوظ فرمائي۔

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

قومن تي زَوَال ڇو ايندو آهي...؟

سيپاري: 13، سورت رَعد، آيت: 11 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔