Book Name:Zawal Kay Asbab

اچو! اسان به گڏجي هن عظيم ياد کي تازه ڪريون ٿا!

پاڪستان جو مطلب ڇا؟ لَاۤاِلٰہَ اِلَّا اللہ ۔ ڪير اسان جا رهنما؟ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ ۔

آخر عاشقانِ رسول عالم سڳورن ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو، مُسلِم راهنمائن جي محنت ڪم آئي ۽ الله ڪريم اسان کي اسلاميه جمهوريه پاڪستان جي صُورت ۾ پنهنجو آزاد مُلڪ عطا فرمايو۔

هاڻي ڏسڻو هي آهي ته ڇا اسان هن نعمت جي قَدر ڪري رهيا آهيون؟ ڇا اسان پاڪستان جي مقصد کي نڀائي رهيا آهن...؟؟

پاڪستان ڇو ٺاهيو ويو...؟؟

13 جنوري 1948ء تي اسلاميه ڪاليج پشاور ۾ پاڪستان حاصل ڪرڻ جو مقصد بيان ڪندي باني پاڪستان محمد علي جناح فرمايو: اسان پاڪستان جو مطالبو هڪ زمين جو ٽڪرو حاصِل ڪرڻ جي لاءِ نه ڪيو هو، بلڪه اسان اهڙي تجربي گاھ حاصِل ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي اسلامي اُصُولن تي آزادي سان      عمل ڪري  سگھون۔

6 مارچ، 1946ء تي محمد علي جناح هڪ تقرير ۾ چيائون:

Let us go back to our holy book the Quran.Let us revert to the Hadith and the great traditions of Islam which have every thing in them for our guidance.

يعني اسان کي پنهنجي پاڪيزه ڪتاب قرآنِ مجيد جي طرف واپس موٽڻو پوندو، اسان کي حديث شريف ۽ اسلام جي تعليمات ڏانهن ٻيهر رُخ ڪرڻو پوندو، ڇوته ان ۾ اسان جي رهنمائي جي لاءِ سڀ ڪجھ موجود آهي۔

اي عاشقانِ رسول! هي آهي پاڪستان بنائڻ جو مقصد...!! هي مُلڪ ان ڪري ٺهيو ته جيئن اسان اسلامي تهذيب ۽ ثقافت کي آزادي سان اپنائي سگھون، قرآنِ ڪريم، حديث شريف ۽ اسلامي تعليمات تي آزادي سان عَمَل ڪري