Book Name:Zawal Kay Asbab

وَ  تُؤْمِنُوْنَ  بِاللّٰهِؕ   (پاره:4،سورۂ آلِ عمران:110)

ترجموڪنز العرفان: ۽ الله تي ايمان رکندا آهيو

هي وَصف الحمد لله! هر مسلمان کي حاصِل آهي، اسان سڀئي الله پاڪ تي اِيمان رکون ٿا، رَبِّ ڪائنات کي پنهنجو پالڻهار مڃون ٿا، صِرف اُن جي عِبَادت ڪريون ٿا، صِرف انهيء جي بارگاھ ۾ جھڪون ٿا ۽ سجدو ڪريون ٿا۔

پر هتي هڪ غور طلب ڳالھ آهي! اها هي ته ڇا اسان هن ايمان جون تقاضائون پوريون ڪريون ٿا؟

ايمان جي حقيقت ڇا آهي؟

هڪ ڀيري حضرت ابراهيم خوّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ڪنهن پڇيو: ايمان جي حقيقت ڇا آهي؟ فرمايائون: تَوَڪل جي حِفَاظت ڪرڻ ايمان جي حقيقت آهي۔([1])

يعني هر حال ۾ ٻانهو الله پاڪ ئي تي ڀروسو رکي، ڪنهن وقت هي ڀروسو ڪمزور نه ٿيڻ ڏي، تَوَڪل جي اهڙي حفاظت ڪرڻ، ايمان جي حقيقت آهي۔

ٿورو اسان غور ڪريون! ڇا اسان تَوَڪل اپنايون ٿا؟ ڇا اسان پنهنجي رَبِّ ڪريم تي ڀروسو رکون ٿا؟ افسوس! افسوس! مادِيت پرستي عام آهي، اڄ ڪجھ نادان مسلمان به دُنياوي لذتن ۾ مست آهن، يقين ڪمزور آهن، رِزق جي پويان ڀڄندي ڀڄندي رازِق (يعني رِزق ڏيڻ واري الله ڪريم) کي وساري ڇڏيون ٿا، اَسبَاب ڳولهندي ڳولهندي مُسَبِّبُ الاَسبَاب (يعني اسباب بنائڻ واري الله ڪريم) کي وساري ڇڏيون ٿا۔

ماڻهو دُڪان تي ويٺل هجي، اذان ٿئي ته 10 منٽ جي لاءِ دُڪان بند ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو، ڇو؟ رِزق دُڪان ڏي ٿي يا رَبِّ ڪائنات  ڏي ٿو؟ ماڻهو ڪوڙ


 

 



[1]...کشف المحجوب، صفحہ:422۔