Book Name:Zawal Kay Asbab

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا اَسلاف، پهريان جا نيڪ مسلمان اهڙا ئي هئا، هُو ڪنهن قوم جي نقل نه ڪندا هئا، هُو پنهنجي آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون سنتون اپنائيندا هئا، قرآنِ مجيد جي ٻڌايل اُصُولن تي هلن ٿا، دُنيا ۾ انهن جي ڌوم متل هئي، رَبِّ ڪائنات انهن کي ترقي عطا فرمائي هئي، انهن کي عُرُوج بخشيو ويو، ڪافِر اُنهن تي رشڪ ڪندا هئا، ايستائين جو انهن جي اَخلاق ۽ ڪردار سان متاثر ٿي ڪافر ڪلمو پڙهندا هئا۔

 اچو! هن جي هڪ حسين جھلڪ پيش ڪيان ٿو:

اَخلاق ڏسي ڪافِر مسلمان ٿي ويو

حضرتِ مالڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري هڪ گھر ڪرائي تي ورتو، ان گھر جي بلڪل ڀرسان هڪ يهودي جو گھر هو۔ اهو دُشمني جي سبب نيساري جي ذَرِيعي گندو پاڻي ۽ غَلاظت سندن گھر ۾ اڇلائيندو هو، پاڻ ان غلاظت کي صاف ڪري خاموش ٿي رهندا هئا، آخرِڪار هڪ ڏينهن ان يهودي پاڻ اچي چيو: جناب! منهنجي نيساري مان ڪِرڻ واري گندگي جي ڪري اوهان کي ڪا شڪايت ته ناهي؟ حضرت مالِڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت نرمي سان فرمايو: نيساري مان جيڪا گندَگي ڪرندي آهي، ان کي ڌوئي ڇڏيندو آهيان، يهودي چيو: اوهان کي ايتري تڪليف جي باوُجُود غُصو ناهي ايندو، فرمايائون اچي ٿو پر روڪي ڇڏيندو آهيان ڇوته (سيپاري 4 سورت آلِ عمران آيت نمبر 134 ۾) رب پاڪ جو فرمانِ مَحَبَّت نشان آهي :

وَ  الْكٰظِمِیْنَ  الْغَیْظَ  وَ  الْعَافِیْنَ  عَنِ  النَّاسِؕ-وَ  اللّٰهُ  یُحِبُّ  الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴)(پاره:4،سورۂ آلِ عمران:134)

ترجموڪنز العرفان: ۽ غصو پيئڻ وارا ۽ درگذر ڪرڻ وارا ۽ الله نيڪ ماڻهن سان محبت فرمائيندو آهي.

حضرت مالِڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هي پيارو جواب ٻُڌي اُهو يهودي ڪلمو