Book Name:Zawal Kay Asbab

سگھون * ڇا اسان هن مقصد تي پُوري طرح لهي رهيا آهيون؟ * ڇا اسان جو هلڻ ڦرڻ، اسان جو رنگ ڍنگ، اسان جا طور طريقا اسلامي آهن؟ * اسان پاڪستان ان ڪري آزاد ڪيو  ته نمازون پڙھون، ڇا اسان نماز پڙھون ٿا؟ * اسان پاڪستان ان ڪري آزاد ڪيو ته روزا رکون، ڇا اسان رمضان جا روزا رکون ٿا؟ * اسان پاڪستان ان ڪري آزاد ڪيو ته اسان تلاوت ڪيون، آزادي سان قرآني تعليمات تي عَمَل ڪرڻ، آزادي سان سنتون اپنائڻ جي لاءِ بڻايو ويو * ان ڪري بڻايو ويو ته جيئن اسان ڏاڙھي رکون ته ڪو اسان تي اعتراض نه ڪري * اسان سُنّت جي مطابق لباس پايون ته ڪوئي اسان ڏانهن آڱر نه کڻي * اسان نماز پڙھون، عمامو پايون، هٿ ۾ تسبيح کڻون ته ڪو اسان تي ٺٺول نه ڪري * اسان جون مائرون ڀينرون برقعو پائن، شرعي پردو ڪن، چادر ۽ چار ديواري ۾ رهن ته ڪو آڱر نه کڻي، ڪو انهن تي ٺٺول نه ڪري۔ انصاف سان چئو! ڇا اسان هي سڀ ڪريون ٿا؟ * ڇا اسان جي چهري تي سُنّت جي مطابق هڪ مُٺ ڏاڙھي شريف آهي؟ * ڇا اسان سُنّت جي مطابق لباس پايون ٿا؟ * ڇا اسان اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي تَصوِير بڻجي سگھيا آهيون؟ * ڇا اسان جون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون شريعت جي مطابق پردو ڪن ٿيون؟

۽ جڏهن ڪو عاشقِ رسول اسلامي طور طريقا اپنائي ٿو ته ڇا معاشري ۾ ان کي عزّت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي؟ يا ان تي اجائي ٺٺول ڪئي ويندي؟

اسان ۽ جشنِ آزادي

افسوس...!! اڄ 75 سال گذرڻ تي آهن پر مجموعي طَور تي ڏٺو وڃي ته اسان پاڪستان جي مقصدن کي پُورو نه ڪري سگھياسين، يومِ آزادي اَصل ۾ يومِ تَشَڪر آهي، الله پاڪ جي حُضُور عاجزي سان سجدو ڪرڻ ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي پر اسان جي معاشري ۾ يومِ آزادي به گُنَاهن ڀري انداز سان ملهايو ويندي آهي * جشنِ آزادي جي نانء تي ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي
 * ميوزڪ هلايو ويندو آهي * بيهوده رقص ٿيندو آهي * هُل هنگامو ڪيو