Book Name:Zawal Kay Asbab

۽ انهن جون دِليون بُغض ۽ ڪيني کان پاڪ هونديون آهن، جنهن انسان ۾ اهي صفتون پيدا ٿي وڃن اهي ملائڪ صفّت بڻجي وڃي۔([1])

رِزْق نہ رکھیں ساتھ میں پنچھی اور دَرویش              جن کا رَبّ پر آسرا اُن کو رِزْق ہمیش

وضاحت: پکي پاڻ وٽ رِزق جمع ڪري ناهن رکندا، هو پري جو سَفَر ڪن ٿا، اهڙي طرح ولي سڳورا پڻ رِزق جي اهتمام تي تَوَجُّھ ناهن رکندا، ڇو؟ ان ڪري جو الله پاڪ تي ڀروسو رکن ٿا، انهن جي رِزق جو انتظام ٿي ئي ويندو آهي۔  

اي عاشقانِ رسول! مادِيت پرستي؛ يعني تَوَڪل  جي گهٽتائي  ۽ ظاهري اَسبَاب تي گھڻو ڀروسو رکڻ، هي به زَوال جو هڪ سبب آهي، ان جي ڪري دِل ۾ دُنيا جي محبّت وڌي ٿي، حِرص ۽ لالچ ۾ اِضَافو ٿئي ٿو، دِل ۾ حَسَد جي باھ وڌي ٿي ۽ انسان بس دُنيا ئي جو ٿي وڃِ ٿو۔ ڪيتريون قومون آهن جيڪي دُنيا پرستي جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويون۔ الله پاڪ اسان کي تباهي کان بچائي، پنهنجي ڪرم سان اسان گنهگارن کي نعمت جي زوال کان محفوظ فرمائي۔

بيان جو خُلاصو

   خُلاصو هي ته اُمَّتِ مسلمه جون 4 بنيادي ذميواريون آهن ؛ (1): خَيرِ اُمَّت هئڻ جو عملي ثبوت ڏيڻ (2): نيڪي جي دعوت ڏيڻ (3): بُرائي کان منع ڪرڻ (4): ۽ الله پاڪ تي ڪامِل يقين رکڻ۔ افسوس! اڄ اسان انهن چئني ذميوارين ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيا آهيون، ڪردار اسان جا بگڙجي چڪا آهن، نيڪي جي دَعوت اسان نٿا ڏيون، بُرائي کان اسان منع نٿا ڪيون ۽ مادِيت پرستي، دُنيا جي رنگينين ۾ ايترا ڦاسي ويا آهيون جو ايمان ڪمزور ٿيندا پيا وڃن۔ غور فرمايو! جيڪا قوم پنهنجون ذِميواريون نه نڀائي، اها زوال ۽ پستي جي ڪيتري قريب آهي؟ هاڻي به وقت آهي ته اسان سنڀلجي وڃون، رَبِّ ڪائنات


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:368۔