Book Name:Zawal Kay Asbab

گھڻو ڪري پوندو آهي، هو نافرمانين ۾ حَد کان وڌي ويندا آهن ته انهن تي عذاب لهندو آهي، انهن کي سزا ڏني ويندي آهي، پوءِ دُنيا جي ڪا به طاقت انهن کي تباهي ۽ بربادي سان بچائي نٿي سگھي۔

نہ سمجھو گے تو مٹ جاؤ گے اےمسلمانو!   تمھاری داستاں تک بھی نہ ہو گی داستانوں میں

اُمّتِ مسلمه جون چار اَهم ذِمّيداريون

پيارا اسلامي ڀائرو! هي گھڻي واضِح ڳالھ آهي، هر شيء جو ڪو مَقصَد هوندو آهي، جيستائين اها شيء پنهنجو مَقصَد پُورو ڪندي رهي، ان جي قَدر ۽ قيمت هوندي آهي، ان جو مالِڪ اُن شيء جي حفاظت به ڪندو آهي، جيڪڏهن اها شيء پنهنجو مَقصَد پُورو نه ڪري ته ان جي قَدر ۽ قيمت باقي ناهي رهندي، نه ان جي حفاظت ڪئي ويندي آهي، هڪ قلم جو مثال وٺو! قلم جو مَقصد لکڻ آهي، جيستائين قلم لکندو رهي، ماڻهو ان کي سيني سان سانڍي رکندا آهن، جڏهن هي لکڻ بند ڪري ته ان جي پهرين جھڙي اهميت ناهي رهندي، نه ان جي حفاظت ڪئي ويندي آهي، نه سيني سان لڳائي رکيو ويندو آهي۔

   اهوئي معاملو آهي، اسان مسلمانن جون به ذِميداريون آهن، جيستائين اسان اهي ذِمّيواريون نڀائيندا رهنداسين، ترقي، ڪاميابي، عروج اسان جو مُقَدَّر رهندي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ذِميواريون نڀائڻ ڇڏي ڏينداسين ته اسان پنهنجي قيمت ۽ قدر وڃائي ويهنداسين۔

 اسان جون ذميواريون ڪهڙيون آهن؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

كُنْتُمْ  خَیْرَ  اُمَّةٍ  اُخْرِجَتْ  لِلنَّاسِ   تَاْمُرُوْنَ  بِالْمَعْرُوْفِ  وَ  تَنْهَوْنَ  عَنِ  الْمُنْكَرِ  وَ  تُؤْمِنُوْنَ  بِاللّٰهِؕ 

(پاره:4،سورۂ آلِ عمران:110)

ترجموڪنز العرفان: (اي مسلمانو!) توهان ڀلي اُمت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ بُرائي کان منع ڪندا آهيو