Book Name:Zawal Kay Asbab

کان پڇا ڪئي: بهترين شخص ڪير آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو، صله رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ) ڪرڻ وارو، چڱيون ڳالهيون ٻڌائڻ ۽ بُرائين کان روڪڻ وارو۔([1]) امام حَسَن بَصَرِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو چڱين ڳالهين جو حڪم ڏي، بُرائين کان روڪي، هو الله پاڪ جو به خليفو آهي، ان جي رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جو به ۽ اُن جي ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) جو به خليفو آهي۔([2])

نيڪي جي دَعوَت ڇڏي ڏيڻ جا نقصان

پيارا اسلامي ڀائرو! جيئن نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ بهترين عبادت آهي، ايئن ئي دِيني ڪم ڇڏي ڏيڻ بدتَرِين جُرم آهي۔ روايت ۾ آهي: جيڪڏهن مسلمانن تبليغ ڇڏي ڏني ته انهن تي ظالِم بادشاھ مُسَلَّط ٿيندا ۽ اُنهن جون دُعائون قبول نه ٿينديون۔([3])

نيڪي جي دَعوَت نه ڏيڻ هلاڪت جو سبب آهي

صحابيء رسول حضرت نعمان بن بشير رَضِىَ اللهُ عنۡه کان روايت آهي: رسولن جي سالار، نبين جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الله پاڪ جي حُدُود ۾ سُستي ڪرڻ واري  ۽ اُنهن ۾ مبتلا ٿيڻ واري جو مثال انهن ماڻهن جهڙو آهي جن ٻَيڙيء ۾ قرعه اندازي ڪئي (ڪڻو وڌو)، ڪن جي حِصي ۾ هيٺ وارو حصو آيو ۽ ڪن جي حِصي ۾ مٿي وارو حصو، هاڻي هيٺ وارن کي پاڻي جي لاءِ مٿي وارن وٽ وڃڻو پيو پئي، انهن هن کي زَحمت سمجھيو ۽ هڪ ڪهاڙو کڻي ٻَيڙي جي هيٺين حِصي ۾ سوراخ ڪرڻ لڳا، مٿي وارن انهن وٽ اچي چيائون: تو کي ڇا ٿي ويو (يعني ٻيڙي ۾ سوراخ ڇو ٿو ڪرين)؟ هن چيائين: توهان کي منهنجي ڪري تڪليف ٿئي ٿي ۽ پاڻي جي بغير گذارو نه آهي۔ هاڻي


 

 



[1]...شُعب الایمان، باب فی صلۃ الارحام، جلد:6، صفحہ:220، حدیث:7950۔

[2]...تفسیر روح المعانی، پارہ:4، سورۂ اٰل عمران، تحت الآیۃ:104، جلد:4، صفحہ:326۔

[3]...تفسیر روح المعانی، پارہ:4، سورۂ اٰل عمران، تحت الآیۃ:104، جلد:4، صفحہ:326ملتقطاً۔