Book Name:Zawal Kay Asbab

ئي مَولَوِي ٿيا، ها! جنهن ڏاڙهي شريف نه رکي، هي ان جي غلطي آهي، ڏاڙھي نه رکڻ وارو، عِلمِ دِين نه سکڻ وارو ٻِٽو مُجرِم آهي، هڪ ته ان ڏاڙهي ناهي رکي، ضروري عِلمِ دِين ناهي سکيو، ٻيو هو نيڪي جي دَعوَت به نٿو ڏي، بُرائي کان منع نٿو ڪري۔

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي اَحمَد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سمورا مُسلمان مُبلِّغ آهن، سڀني تي ئي فرض آهي ته ماڻهن کي چڱين ڳالهين جو حُڪم ڏين ۽ بُرين ڳالهين کان روڪين۔([1]) اسان جي پياري آقا ۽ مولا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بَلِّغُوْا عَنِّیْ وَلَوْ اٰیَۃً يعني منهنجي طرفان پهچايو، توڙي جو هڪ ئي آيت هجي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٿورو غور ڪريون! اسان دِين جي جيترين ڳالهين بابت ڄاڻ رکون ٿا، ڇا اهي ڳالهيون اسان ٻين تائين پهچايون ٿا؟ ڪنهن کي خبر ناهي ته پنج نمازون فرض آهن؟ ڇا اسان ٻين کي نماز جي دعوت ڏيون ٿا؟ ڪنهن کي خبر ناهي ته رمضان جا روزا فرض آهن؟ ڇا اسان روزا رکڻ جي دعوت ڏيون ٿا؟ ڪنهن کي خبر ناهي ته تِلاوتِ قرآن نيڪي جو ڪم آهي؟ ڇا اسان تِلاوتِ قرآن جي دعوت ڏيون ٿا؟ ڪنهن کي خبر ناهي ته وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، گانا ٻڌڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، بي پردگي وغيره هي سڀ گُنَاھ آهن؟ ڇا اسان هنن کان ماڻهن کي روڪيون ٿا؟ افسوس! اسان جي اَڪثَرِيت اهڙي آهي جيڪا اهي ڪم نٿي ڪري (يعني کوڙ سارين شيون معلوم هئڻ جي باوجود به اسان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ کان محروم رهون ٿا)، اسان جيترو دِين ڄاڻون ٿا، ايترو ٻين تائين پهچايون نٿا ۽ وڌيڪ ديني عِلم سکڻ جي جستجو پڻ نٿا ڪيون۔

  حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڪنهن حُضُورِ انور، مڪي مديني جي تاجوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:4، سورۂ اٰل عمران، تحت الآیۃ:104، جلد:4، صفحہ:79۔

[2]...بخاری، کتاب احادیث الانبیاء، صفحہ:888، حدیث:3461۔