Book Name:Zawal Kay Asbab

اَشعَار جي وضاحت: الله پاڪ جو ڪرم سڀني تي ٿيندو آهي، ڪو جھولي ڦهلائڻ وارو هجي، هدايت، عروج ۽ ترقي جون راهون واضِح بيان ڪيون وڃن ٿيون، ڪو هلڻ وارو هجي، تربيت پڻ ڪئي ويندي آهي، ڪو تربيت وٺڻ وارو هجي، جيڪو قابِل هجي ان کي گھڻو ڪجھ ڏنو ويندو آهي، يعني تاج ۽ تخت ۽ حڪومت سان به نوازيو ويندو آهي پر ان جي لاءِ قابليت به ته هئڻ گھرجي، اعليٰ ڪردار به ته هجي۔

چاہتے سب ہیں کہ ہوں اَوْجِ ثُرَیَّا پہ مقیم               پہلے پیدا تو کرے ایسا کوئی قلبِ سلیم

وضاحت: هي سڀئي چاهين ٿا ته مون کي ترقي ملي، ڪاميابي ملي، عروج ملي پر ان جي لاءِ قلبِ سليم کپي، اعليٰ ڪردار کپي، جنهن وٽ قلبِ سليم هجي، اهو جيڪڏهن حبشه جو غُلام ئي ڇو نه هجي، ان کي ڪعبي جي ڇت تي چاڙهي اذان ڏياري ويندي آهي ۽ جنهن وٽ قلبِ سليم نه هجي، اهو چاهي مڪي جو سردار ابولهب ئي ڇو نه هجي، ان کي ذِلّت ۽ پستي جو نشان بڻايو ويندو آهي۔ اهو ئي قُدرت جو اَٽل قانون آهي۔

اسان ۽ جشنِ آزادي

 اي عاشقانِ رسول! 14 اگست يعني پاڪستان جو 75هون يومِ آزادي اچڻ وارو آهي، هن تاريخ تي الله پاڪ اسان کي به هڪ نعمت سان نوازيو، اسان کي آزادي عطا ڪئي وئي، ننڍي کنڊ ۾ مسلمان اٽڪل 100 سال تائين غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا، مسلمانن کي ذِلّت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو، انهن تي ظُلم ۽ سِتَم ڪيو ويندو هو، ڪافِر مسلمانن کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائيندا هئا، ننڍڙين ڳالهين تي ان مسلمانن جي عزّت پامال ڪندا هئا، مُسلَو چئي مذاق اُڏائيندا هئا ۽ خبر ناهي ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون ڏيندا هئا، پوءِ الله پاڪ ڪرم فرمايو، عاشقانِ رسول عالم سڳورن محنت ڪئي، بيانات ڪري، ڪتاب لکي، گھر گھر وڃي مسلمانن کي هڪ جذبو ڏنو، جستجو ڏني، بَرِّ صغير جي ڪنڊڪڙڇ مان نعرا لڳڻ لڳا۔