Book Name:Zawal Kay Asbab

اِنَّ اللّٰهَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى یُغَیِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْؕ     (پاره13،سورۂ رعد:11)         

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ الله ڪنهن قوم کان پنهنجي نعمت ايستائين ناهي بدليندو جيستائين اهي پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائين.

تفسير صِراطُ الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ قُدرت جو هڪ قانون بيان ڪيو ويو آهي ته الله پاڪ ان وقت تائين ڪنهن قوم کان پنهنجي عطا ڪيل نعمت واپس ناهي وٺندو، جيستائين اها قوم پاڻ پنهنجي چڱن عملن کي بُرن عملن سان تبديل نه ڪري ڇڏي۔([1])

هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جڏهن ڪنهن قوم کي نعمتن سان نوازيندو آهي، انهن کي دُنيا ۾ ترقي، عروج، عزّت ۽ خوشحالي، امن ۽ سلامتي نصيب فرمائييندو آهي ته انهن کان هروڀرو اهي نعمتون واپس ناهي وٺندو جيستائين اها قوم خُود پنهنجي حالت نه بدلي، جڏهن قوم بگڙجندي آهي * چڱن عملن جي بدران برا عمل ڪرڻ لڳندي آهي * چڱين صِفتن جي بدران بُريون صِفتون اپنائي وٺندي آهي * محنت جي بدران سستي جو شڪار ٿيندي آهي * فرض شناسي جي بدران لاپرواهي کان ڪم وٺندي آهي * تقويٰ جي بدران گُنَاھ جي راھ اختيار ڪندي آهي * شڪر گذاري جي بدران ناشڪري ڪندي آهي ته قومن جي عزّت کي ذِلَّت ۾، خوشحالي کي بدحالي ۾، عروج کي پستي ۾، ترقي کي زوال ۾ ۽ ڪاميابي کي ناڪامي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي۔

قومن جي زَوال جي تاريخ

دُنيا جي تاريخ کڻي ڏسو! قُدرت جو اهو اَٽل قانون آهي، هن زمين تي هزارين قومون آيون، انهن کي ترقي، عروج، عزّت، خوشحالي ۽ امن و سلامتي جي نعمتن سان نوازيو ويو، پر جڏهن انهن نعمت جي ناقدري ڪئي ته انهن


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:13، سورۂ رعد،تحت الآیۃ:11، جلد:5، صفحہ:85۔