Book Name:Zawal Kay Asbab

جيڪڏهن انهن سوراخ ڪرڻ واري جو هٿ پڪڙي ورتو ته ان کي بچائي ورتو ۽ پاڻ به بچي ويندا ۽ جيڪڏهن اُن کي ڇڏي ڏنو ته هو انهن کي به هلاڪ ڪندو ۽ پاڻ کي به هلاڪ ڪندو۔([1])

مرآة المناجيح ۾ آهي: هن حديث شريف ۾ هڪ مثال جي ذريعي بُرائي کان روڪڻ ۽ نيڪي جو حڪم ڏيڻ جي اهميت کي واضِح ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن اِهو سمجھي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جو فريضو ڇڏيو وڃي ته بُرائي ڪرڻ وارو پاڻ نقصان کڻندو، اسان جو ڪهڙو نقصان آهي ته هي سوچ غلط آهي، ان ڪري جو ان جي گُنَاھ جا اَثرات تمام معاشري کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ويندا، جھڙي طرح ٻيڙي ٽوڙڻ وارو اڪيلو ناهي ٻڏندو، بلڪه اهي سڀئي ٻڏندا جيڪي ٻيڙي ۾ سوار آهن، اهڙي طرح برائي ڪرڻ وارن ڪجھ ماڻهن جو هي جُرم تمام مُعَاشري ۾ ناسُور بڻجي ڦهلجي ويندو آهي۔([2])

  پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي زَوال جو سبب...!! جڏهن قومون نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ته انهن جو عروج پستي ۾، انهن جي ترقي تَنَزُّلي ۾ ۽ ڪاميابيون ناڪامي ۾ بدلجڻ شروع ٿي وينديون آهن، ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته اسان پنهنجي طاقت ۽ منصب جي مُطَابق نيڪي جي دعوت ڏيون ۽ بُرائي کان منع ڪندا رهون۔

جو نیکی کی دعوت کی دھومیں مچائے                          میں دیتا ہوں اس کو دعائے مدینہ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                  صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(4): الله پاڪ تي پختو ايمان

اُمَّتِ مسلمه جي چوٿين اَعليٰ وَصف رَبِّ ڪائنات هي ارشاد فرمائي آهي:


 

 



[1]...بخاری، کتاب الشہادات، باب القرعۃ فی المشکلات، صفحہ:692، حدیث:2686۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:545۔