Book Name:Zawal Kay Asbab

ڪا وراثتي شيء نه آهي، ايئن ناهي ٿيندو  ته  فُلاڻي قوم هميشه ترقي ئي ڪندي ۽ فُلاڻي قوم هميشه پستي ئي ۾ رهندي، نه...!! هيئن هرگز ناهي، ترقي، عروج، ڪاميابي، عزّت، شان ۽ شوڪت، ان سڀني نعمتن جو تعلق نسب، نالو، پيسي ۽ رنگ رُوپ سان نه آهي بلڪه ترقي ۽ عروج جو تعلق اعليٰ ڪردار سان آهي۔ مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: قومون وڏيون هجن يا ننڍيون، ايستائين جو نبي (عَلَيۡهِ السَّلَام) جا هم وطن، هم نسب بلڪه انبياء(عَلَيۡهِم السَّلَام) جا قُرابت دار، ايستائين جو نبين سڳورن (عَلَيۡهِم السَّلَام) جو اولاد، جيڪو به الله پاڪ جي نعمت جي ناقدري، ناشڪري ڪندو، ان کان نعمت کسجي ويندي آهي۔([1])

مڪي جا ڪافر ميدانِ بَدر ۾ ذليل ڇو  ٿيا...؟

  ڏسو! مڪي وارا گھڻا حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي اَولاد مان هئا، الله پاڪ انهن کي نعمتن سان نوازيو، انهن کي ڪعبه شريف جي خدمت جو موقعو بخشيو ويو، مڪو شريف جتي ڪو ميوو، ڪا سبزي، ڪو اناج ناهي ٿيندو، ان شهر ۾ انهن کي هر قسم جا ميوا ۽ اناج عنايت ڪيا ويا، انهن جي لاءِ واپار جي راھ آسان ڪئي وئي، دُنيا جي وڏن وڏن ملڪن ۾ مڪي وارن کي قَدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو پر انهن نعمت جي ناقَدري ڪئي، دُنيا جو سڀ کان وڏو   تَوحِيد جو نشان يعني ڪعبو شريف، ان کي مقامِ شِرڪ بڻايو، الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نه مڃيائون، الله پاڪ جي آيتن کان پاسو ڪيو، اَهلِ حق (يعني صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان) تي وڏو ظُلم و سِتَم ڪيو، پوءِ نتيجو اهو ئي نڪتو، ميدانِ بدر ۾ مڪي جي ڪافرن جو غرور خاڪ ۾ مِلايو ويو ۽ کين اهڙي شڪست ملي جو عبرت جو نشان بڻجي ويا۔ آخر ايئن ڇو ٿيو؟ الله پاڪ جي نبي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام سان نسبي تعلق رکندڙ، ڪعبه معظمه جي خدمت ڪندڙن آخر ڇو شڪست کاڌي؟ الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:10، سورۂ اٰل انفال، تحت الآیۃ:53، جلد:10، صفحہ:54۔