Book Name:Zawal Kay Asbab

قرآنِ ڪريم ۾ ان سرڪش قوم جو عبرتناڪ داستان هيئن بيان ٿيو آهي:

لَقَدْ كَانَ لِسَبَاٍ فِیْ مَسْكَنِهِمْ اٰیَةٌۚ-جَنَّتٰنِ عَنْ یَّمِیْنٍ وَّ شِمَالٍ۬ؕ-كُلُوْا مِنْ رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَ اشْكُرُوْا لَهٗؕ-بَلْدَةٌ طَیِّبَةٌ وَّ رَبٌّ غَفُوْرٌ(۱۵) فَاَعْرَضُوْا فَاَرْسَلْنَا عَلَیْهِمْ سَیْلَ الْعَرِمِ وَ بَدَّلْنٰهُمْ بِجَنَّتَیْهِمْ جَنَّتَیْنِ ذَوَاتَیْ اُكُلٍ خَمْطٍ وَّ اَثْلٍ وَّ شَیْءٍ مِّنْ سِدْرٍ قَلِیْلٍ(۱۶) ذٰلِكَ جَزَیْنٰهُمْ بِمَا كَفَرُوْاؕ-وَ هَلْ نُجٰزِیْۤ اِلَّا الْكَفُوْرَ(۱۷)  (پاره22،سورۂ سبا:15-16-17)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ سبا قوم جي لاءِ انهن جي آبادي ۾ نشاني هئي. ٻه باغ هئا هڪ ساڄي طرف ۽ ٻيو کاٻي طرف. پنهنجي ربّ جو رزق کائو ۽ ان جو شڪر ادا ڪيو. پاڪ شهر آهي ۽ بخشڻ وارو ربّ (آهي). پوءِ انهن منهن ڦيريو ته اسان انهن تي زوردار سيلاب موڪليو ۽ انهن جي باغن جي عيوض ٻه باغ انهن جي بدلي ۾ ڏنا جيڪي ڪوڙي ميوي وارا ۽ لئي وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا هئا. اسان انهن کي انهن جي ناشڪري جي سبب اهو بدلو ڏنو ۽ اسان انهيء کي سزا ڏيندا آهيون جيڪو ناشڪرو هجي.

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ ترقي ۽ عروج جو تعلق نالي ۽ نسب سان نه آهي، ان جي لاءِ هي ناهي ڏٺو ويندو ته ڪير ڪنهن جو پٽ، پوٽو، آهي، هي ناهي ڏٺو ويندو ته ڪير ڪير گھڻي پيسي وارو آهي، ترقي ۽ عروج جي لاءِ ڪردار ڏٺو ويندو آهي۔

ہم تو مائِل بہ کرم ہیں، کوئی سائِل ہی نہیں    راہ   دکھلائیں کسے ، کوئی راہ رَوِ منزل ہی نہیں

تربیتِ عام تو ہے، جوہَرِ قابِل ہی نہیں     جس سے تعمیر ہو آدم کی یہ وہ گِل ہی نہیں

کوئی قابِل ہو تو ہم شانِ کئ دیتے ہیں      ڈھونڈنے والوں کو دُنیا بھی نئی دیتے ہیں