Book Name:Zawal Kay Asbab

وُضُو جي لاء مِسواڪ ڪرڻو هجي ته هيئن ٽي نيتون ڪريو: رِضاءِ الهٰي، سُنت جي ادائيگي ۽ ذِڪر و دُرُود جي لاء وات کي پاڪيزه ڪرڻ جي غرض سان مِسواڪ ڪندس * مشائخ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي هجي ته مرڻ وقت ان کي ڪلمو نصيب ٿيندو، ۽ جيڪو آفيم کائي ٿو ان کي ڪلمو نصيب نه ٿيندو * حضرتِ سيدُنا عبد الله ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، مسواڪ ڪرڻ واري کان فرشتا خوش ٿين ٿا، مسواڪ ڪرڻ واري کان ربّ راضي ٿئي ٿو، مسواڪ نيڪي وڌائيندو ۽ معدي کي درست ڪندو آهي. * ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ اهڙي طرح کڻو جو چيچ ان جي هيٺان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿان ۽ آڱوٺو ڇيڙي تي هجي * مسواڪ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو۔([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

سنتیں سیکھنے تین دِن کے لئے        ہر مہینے چلیں، قافلے میں چلو

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم



[1]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:47-50۔