Book Name:Zawal Kay Asbab

ڳالهائڻ نٿا ڇڏين ان ڪري جو ڪوڙ نه ڳالهائيندا ته دُڪان ڪيئن هلندي؟ وياجي ڏيتي ليتي کان نٿا مڙن، وياج ڇڏي ڏنو ته مال گھٽجي ويندو، عِلمِ دِين ڏانهن راغِب نٿا ٿين، قرآنِ ڪريم پڙھڻ سکڻ جو وقت نه آهي، مدني قافلن ۾ سَفَر ڪرڻ ۽ سنتون سکڻ جو وقت نه آهي ڇوته جيڪڏهن راھ خدا ۾ سفر ڪنداسين ته گھر جو ڇا ٿيندو؟ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ڪمائينداسين ڇا؟ کائينداسين ڪٿان؟ مطلب ته الله پاڪ تي اِيمَان ته رکون ٿا پر يقين ڪمزور ٿي ويا آهن، اهڙن ماڻهن جو وڏو تعداد آهي جيڪو محض ظاهري اَسبَاب تي ڀروسو ڪن ٿا۔ جڏهن ته ايمان جي تقاضا هي آهي ته اسان ظاهري اَسبَاب کان وڌيڪ رَبِّ ڪائنات جي قُدرتن تي ڀروسو ڪريون۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي قُدرتِ ڪامِله تي ايمان آڻڻ ۽ ظاهري اسباب  کان عِلاوه پوشيده اسباب تي ايمان رکڻ تَوَڪل آهي۔([1])

الله تي ڀروسو رکو! جيڪڏهن مؤمن آهيو...!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ عَلَى اللّٰهِ فَتَوَكَّلُوْۤا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۲۳)   (پاره:6،سورۂ مائده:23)

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته الله تي ئي ڀروسو ڪيو.

پکين جھڙيون دِليون

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عنۡه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: یَدْخُلُ الْجَنَّۃَ اَقْوَامٌ اَفْئِدَتُہُمْ مِثْلُ اَفْئِدِۃِ الطَّیْرِ جنّت ۾ اهڙيون قومون داخِل ٿينديون، جن جون دِليون پکين جي دلين جھڙيون هونديون۔([2])

مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جھرڪين جي دِل ۾ الله پاڪ تي تَوَڪل اعليٰ درجي جو هوندو آهي


 

 



[1]...احیاء العلوم، جلد:4، صفحہ:791 بتغیر۔

[2]...مسلم، کتاب الجنۃ والصفۃ، باب یدخل الجنۃاقوام، صفحہ:1091، حدیث:2840۔