Book Name:Zawal Kay Asbab

امام فَخرُ الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آيتِ سڳوري جي معنيٰ هي آهي ته اي مسلمانو! لَوحِ مَحفُوظ ۾ توهان جي اها وصف لکيل آهي ته توهان سڀني کان بهتر ۽ سڀني کان اَفضَل اُمّت آهيو، توهان جي لائِق اهو آهي ته توهان هن منصب جي حِفَاظت ڪريو! ([1]) يعني هميشه الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت گذار ۽ فرمانبردار ٿي رَهو...!!

اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري ۾ رَبِّ ڪائنات اُمَّتِ مسلمه جون 4 اَعليٰ وصفون بيان ڪيون آهن ۽ هي چار وصفون اَصل ۾ اُمَّتِ مسلمه جون چار ذِميواريون بلڪه مقصدِ زِندگي آهن:

اُمَّتِ مسلمه خيرُ الاُمَم آهي

حضرت علّامه مفتي عبد المصطفيٰ اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي وَضاحت ڪندي فرمائن ٿا: هڪ مسلمان جي لاءِ زِندگي جو پهريون مقصد خَیْرُ الْاُمَمْ يعني بهترين اُمّت ٿيڻ آهي۔ جهڙي طرح گلاب جي لاءِ خوشبو، موتي جي لاءِ چمڪ ۽ سج جي لاءِ روشني لازم آهي، اهڙي طرح هڪ مسلمان جي لاءِ پنهنجي عملن ۽ فعلن جي لحاظ کان سمورين اُمّتن ۾ سڀ کان اعليٰ، سڀ کان اَفضَل، سڀ کان بهتر هئڻ لازِم ۽ ضروري آهي، عبادتون ۽ معاملات هجن يا اَخلاق ۽ عادتون غرض زندگي جي هر شعبي ۾، زِندگي جي آخري گھڙين تائين هڪ مسلمان خير ئي خير هجي، بَس پُوري زِندگي قرآن ۽ سُنّت جو دامن پڪڙي صراطِ مستقيم (يعني سڌي راھ) تي هلندو وڃي ته جيئن ٻيون قومون مسلمان کي ڏسي هي صدا هڻن ته([2])

یہی وہ ہیں کہ جن کے واسطے خَتْمُ الرُّسُل آئے      انہی پر ختم ہے ”خَیْرُ الْاُمَمْ“ کی جلوہ سامانی

 وضاحت: هي ئي اها خوش نصيب اُمَّت آهي، جن جي هدايت جي لاءِ الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیر کبیر، پارہ:4، سورۂ اٰل عمران، تحت الآیۃ:110، جلد:3، صفحہ:323۔

[2]...عرفانی تقریریں، بیان: زوال کے اسباب، صفحہ:99بتغیر قلیل۔