Book Name:Zawal Kay Asbab

کي   عبرت جو نشان بڻايو ويو۔

          قومِ عاد؛ انهن کي طاقت عطا ٿي، مال ۽ دولت سان نوازيو ويو پر جڏهن انهن نافرماني ڪئي، نعمتن جي ناقدري ڪئي ته رَبِّ قهار جَلَّ جَلَالُهٗ انهن تي آنڌاري جو عذاب موڪليو ۽ هُو نشانِ عبرت بڻجي ويا۔([1])

قومِ ثمود؛  تعمير جي فَنِّ ۾ ماهر قوم؛ الله پاڪ انهن کي نعمتون عطا ڪيون، طاقت عطا ڪئي، مال ۽ دولت سان نوازيو، دُنيا ۾ عزّت عنايت فرمائي پر اهي سرڪش ٿيا، ناشڪري ڪيائون، قُدرت شديد زلزلي سان انهن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔([2])

شدَّاد، نمرود، فِرعَون؛ انهن کي تاج ۽ تخت عطا ٿيا، حڪومت ۽ سلطنت عطا ڪئي وئي پر انهن بدبختن نعمت جي قدر نه ڪئي، ٻانها هئا، ٻانها بڻجي نه رهيا، خُدائي جي دعوائون ڪيائون، پوءِ رَبِّ قهار جَلَّ جَلَالُهٗ جو غضب انهن تي نازِل ٿيو ۽ اهي تباھ ۽ برباد ٿي ويا۔

بني اسرائيل؛ انهن کي فرعون کان آزادي عطا ڪئي وئي، ملڪ مِصر جي حڪومت عطا ڪئي وئي پر انهن ناقدري ڪئي، ناشڪري ڪيائون، الله پاڪ انهن تي ذِلّت کي مُسَلَّط فرمايو۔

مطلب؛ جيستائين قوم پنهنجي حالت نه بدلي، الله پاڪ کين نعمتن کان محروم ناهي فرمائيندو، جڏهن قوم پنهنجي حالت نه بدلي، چڱائي جي بدران بُرائي اپنائي، شڪر جي بدران ناشڪري ڪري، فرمانبرداري جي بدران نافرماني ڪري ته الله پاڪ جي قهر جو چهبڪ هنيو ويندو آهي، پوءِ انهن کي ڪا به مهلت ناهي ڏني ويندي، انهن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو آهي۔

ترقي ۽ عروج وِراثتي نعمت نه آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري مان هي به معلوم ٿيو ته عروج ۽ ترقي


 

 



[1]...سیرت الانبیاء، صفحہ:223 خلاصۃً۔

[2]...تفسیر صراط الجنان، جلد:3، صفحہ:359خلاصۃً۔