Book Name:Zawal Kay Asbab

اسان کي جيڪا مهلت عطا فرمائي آهي، پاڪستان جي صُورت ۾ آزادي جي نعمت سان نوازا آهي، هن جي قَدر ڪريون، هن نعمت جو شڪر ادا ڪريون، ناشڪري کان بچون، گُنَاهن کان هر دَم پري رهون، پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار بهتر ڪريون، نيڪي جي دعوت عام ڪريون، بُرائين کان منع ڪريون، الله پاڪ تي ڪامِل يقين رکي ان جي راھ ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ لڳي وڃون، اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دُنيا ۾ به ڪاميابي اسان جا قدم چمندي، عروج، ترقي، عزّت و شوڪت عطا ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته قبر ۽ آخرت به سَنوَرجي ويندي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

  پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي به جشنِ آزادي ملهائي ٿي، پر دعوتِ اسلامي جو انداز نِرالو آهي، الحمد لله! جشنِ آزادي جي موقعي تي مدني قافلا سَفَر ڪن ٿا، هزارين عاشقانِ رسول مدني قافلن ۾ سَفَر ڪري شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ وڃي نيڪي جي دعوت ڏين ٿا ۽ برائي کان منع ڪن ٿا، پاڻ به نمازون پڙهن ٿا، ٻين کي به نمازن جي دعوت ڏئي مسجد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، قرآنِ ڪريم ۽ سُنّتن جو فيضان عام ڪن ٿا، عشق رسول جي شمع دِلين ۾ روشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ايئن عاشقانِ رسول دين سکي، ٻين کي سيکاري حقيقي غُلامانِ مصطفيٰ بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ٻين کي به انهيءِ راھ جو مُسَافِر بنائن ٿا۔

اي عاشقانِ رسول! 14 اگست تي سرڪاري موڪل هوندي آهي، هن سال ته هونئن به 14 اگست آچر تي آهي، اوهان به ذهن بڻايو، همت ڪريو، 14,13,12آگست2022(جمعه، ڇنڇر، آچر) 3 ڏينهن مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت نصيب ٿي وڃي، حقيقي غُلامِ رسول بڻجڻ جي لاءِ، تحريڪ آزادي ۾ شهيد ٿيڻ وارن عاشقان رسول جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾