Book Name:Zawal Kay Asbab

جيڪو اعزاز اسان کي رَبِّ ڪائنات عطا فرمايو آهي، اسان هن اعزاز جي قَدر ڪريون، اسان واقعي خَیْرُ الْاُمَمْ (يعني بهترين اُمَّت) بڻجي رهون، اسان ٻين جي نقل نه ڪريون، بلڪه قرآن ۽ سُنّت جي تعليم حاصِل ڪريون، هن تي عَمَل ڪريون، پنهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت کي عملي طور اپنايون، ڪاش! اسان سنتن جي مطابق زندگي گذاريون۔

یامصطَفےٰ! گُناہوں کی عادَتیں نکالو                         جذبہ مجھے عطا ہو سنّت کی پَیروی کا([1])

(2-3): نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! اُمَّتِ مسلمه جي ٻي ۽ ٽئين ذِميواري ڪهڙي آهي؟ رَبِّ ڪريم فرمائي ٿو:

اُخْرِجَتْ  لِلنَّاسِ   تَاْمُرُوْنَ  بِالْمَعْرُوْفِ  وَ  تَنْهَوْنَ  عَنِ  الْمُنْكَرِ    (پاره:4،سورۂ آلِ عمران:110)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان منع ڪندا آهيو

  معلوم ٿيو؛ نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ هي به هر مسلمان جي ذِمّيداري ۾ شامِل آهي پر افسوس! اڄ مسلمانن جي اَڪثريت انهن زميوارين کان پاسو ڪري چڪي آهي۔ هڪ عجيب سوچ خبر ناهي ڪٿان اچي وئي آهي؛ اسان سمجھون ٿا ته نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ صِرف مَولَوِي ۽ امام صاحب جو ڪم آهي، باقي سڀ ڪمائن، کائن ۽ موجون ڪن۔

پهرين ته هي ياد رکو! مَولَوِي جي معني آهي: الله وارو۔([2]) ڏٺو وڃي ته هر مسلمان ئي الله وارو (يعني الله پاڪ کي مڃڻ وارو) آهي، اسان مان شايد ڪو به پاڻ کي شيطان وارو مڃڻ جي لاءِ تيار نه هجي۔ جڏهن سڀ الله وارا آهن ته سڀ


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:177۔

[2]...فیضان علم وعلما، صفحہ:11۔