Book Name:Zawal Kay Asbab

Madani Qaidah (مدني قاعده)۔ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي مدني قاعدو پڙھي، هن جي مشق ڪري بنيادي تجويد سکي سگھجي ٿي۔ پنهنجي اسمارٽ فُون ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو! پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اُهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:1: ٻه رڪعتون مِسواڪ ڪري پڙھڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهي۔([2]) 2:مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪيو ڇوته هن ۾ وات جي صفائي ۽ الله پاڪ جي رِضا جو سبب آهي۔([3])

 اي عاشقانِ رسول! * حُضُور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر رات ڪيئي ڀيرا مسواڪ ڪندا هئا، هر ڀيري سمهڻ مهل به ۽ بيدار ٿيڻ وقْت به * بغير چڱي نيت جي مِسواڪ ڪرڻ سان طَبعي فائدا ته حاصِل ٿيندا پر ثواب نه ملندو، مثلاً


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]... اَلتَّرغِیْب وَالتَّرہیب، كتاب: الطہارۃ، الترغیب فی السواک، صفحہ:86، حدیث:18۔

[3]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔