Book Name:Zawal Kay Asbab

سَفَر ڪريو ۽ آزادي جي نعمت جو شڪر ادا ڪريو.

دِل جي حالت بدلجي وئي

فيصل آباد (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان بگڙيل ڪردار جو مالڪ هيس۔ ڪوڙ، غيبت، چغلي، بدنگاهي جهڙا گُنَاھ منهنجي معمول جو حِصو هو، مان مارشل آرٽ سکيل هئس، جنهن جي ڪري ماڻهن سان هروڀرو جھيڙو ڪندو هئس، هر نئون فيشن کي اپنائڻ منهنجو شوق هو، افسوس! نمازن سان ايتري قدر پري هيس جو مون کي هي به خبر نه هئي ته نمازن ۾ ڪيتريون ڪيتريون رڪعتون هونديون آهن۔ نيٺ رحمت جو دَر کليو ۽ منهنجي قسمت هيئن چمڪي جو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني، دوست جي ڳالھ ٽاري نه سگھيس ۽ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس۔ مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي حياتي جو مقصد معلوم ٿيو، پنهنجي گناهن تي شرمساري ٿي، منهنجي اکين تان غفلت جو پردو هٽي ويو، دِل جي حالت بدلجي وئي، جيئن ته مان گناهن کان دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس۔

دل کی کالک دُھلے مرضِ عصیاں ٹَلے                آؤ سب چل پڑیں قافلےِ میں چلو

کر سفر آئیں گے، تو سُدھر جائیں گے                 اب نہ سستی کریں، قافلے میں چلو([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مدني قاعدو موبائل ايپلي ڪيشن

 پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي:


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:669-672۔