Book Name:Zawal Kay Asbab

فرمائي ٿو

ذٰلِكَ بِاَنَّ اللّٰهَ لَمْ یَكُ مُغَیِّرًا نِّعْمَةً اَنْعَمَهَا عَلٰى قَوْمٍ حَتّٰى یُغَیِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْۙ       (پاره10،سورۂ انفال:53)

ترجموڪنز العرفان: هي ان سبب آهي ته اللہ ڪنهن نعمت کي هرگز ناهي تبديل ڪندو جيڪا ان ڪنهن قوم کي عطا ڪئي هجي جيستائين اهي پاڻ پنهنجي حالت کي تبديل نه ڪن.

يمن وارا ٻوڏ جو شڪار ڇو ٿيا؟

سَبَا عرب جو هڪ قبيلو گذريو آهي، اهي ماڻهو الله پاڪ جي نبي حضرت هود عَلَيۡهِ السَّلَام جي اَولاد مان هئا، يمن جي هڪ علائقي ۾ رهندا هئا، الله پاڪ انهن کي بي مثال نعمتن سان نوازيو هو، انهن جي علائقي جي آب و هوا اهڙي صاف ۽ پاڪيزه هئي جو ان علائقي ۾ نه مڇر هئا، نه نانگ، وڇون، نه مک، نه کٽمل، موسم گھڻو معتدل، نه زياده گرمي هوندي هئي، نه گھڻو سيء، زمين وڏي زرخيز هئي، انهن جا باغ ميون سان ڀريل هوندا ها ايستائين جو ڪو شخص مٿي تي ٽوڪرو کڻي باغ مان لنگھندو  هو ته ان جو ٽوڪرو طرح طرح جي ميون سان ڀرجي ويندو هو، ان کي ميوو ٽوڙڻ جي به ضرورت ئي  نه پوندي هئي، ايتري ڪثرت سان ميوا ٿيندا هئا، غرض اها قوم گھڻي خوشحال، امن و سڪون ۽ آرام و چين واري  زندگي گذاري رهي هئي، پر انهن سرڪشي ڪئي، الله پاڪ ان علائقي ۾ 13  نبي سڳورا عَلَيۡهِم السَّلَام موڪليا، انهن سرڪشن انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام کي نه مڃيو، تڪبر ڪيو، ڪفر تي رهيا، ضِدِّي ٿي ويا، نبين سڳورن عَلَيۡهِم السَّلَام جي بي ادبي ۽ گستاخي ڪئي ته رَبِّ قهار جَلَّ جَلَالُه جو قهر انهن تي ڪڙڪي پيو، الله پاڪ انهن تي ٻوڏ جو عذاب موڪليو، جنهن سان انهن جا باغ، گھر سڀئي فنا ٿي ويا۔([1])


 

 



[1]...عجائب القرآن مع غرائب القرآن، صفحہ:200-201خلاصۃً۔