Book Name:Zawal Kay Asbab

پنهنجي سڀ کان محبوب نبي، خاتَمُ النَّبِيين کي موڪليو، هن اُمَّت کي خَيرُ الاُمَم جو لقب ڏنو ويو آهي۔

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي هڪ مسلمان جي پهرين ذميواري جو مسلمان هميشه خَيرُ الاُمَم يعني بهترين اُمَّت بڻجي رهي۔ يقيناً جيڪو بهتر هوندو آهي، اهو آئيڊيل به هوندو آهي ۽ جيڪو آئيڊيل هوندو آهي، اهو ٻين جي نقل ناهي ڪندو، ٻيا ان جي پويان هلندا آهن، لهٰذا ٿيڻ ايئن کپي ها ته مسلمان اهڙو بڻجي رهي جو ٻيون قومون ان جي پيروي ڪن، مسلمان جا اَخلاق ايترا اعليٰ هجن جو ٻيون قومون مسلمانن کان اَخلاق سکن، مسلمان جو ڪردار اهڙو اعليٰ هجي جو ٻيون قومون ڪردار جي بهتري جي لاءِ ان جي صحبت اپنائن، هڪ مسلمان جون عادتون، ان جا فعل، ان جي گفتار، طور طريقا، اُٿ ويھ ايتري بهتر هجي جو ان کي آئيڊيل بڻايو وڃي، ان جي پيروي ڪئي وڃي، ٻيون قومون ان جي ڪردار، اَخلاق ۽ عادتن تي رشڪ ڪن ۽ ان کي ڏسي جيئڻ سکن۔

پر افسوس! اڄ حالتون ابتڙ آهن، خَيرُالاُمَم (بهترين اُمَّت) اسان آهيون، هئڻ ته ايئن گھرجي ها جو اسان ٻين جي لاءِ آئيڊيل بڻجون ها، اسان ٻين قومن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ورتو آهي، هئڻ ته هي کپي ها ته ٻيون قومون اسان جي نقل ڪن ها پر اسان نَقل ڪندڙ بڻجي ويا آهيون، اسان ٻين جي نقل ڪرڻ لڳا آهيون، اُٿ ويهه ۾ ڪافِرن جو نقل، تعليم ۾ ڪافِرن جو نقل، اُصُول ۽ قوانين ۾ ڪافِرن جو نقل، ايستائين جو جُتي ڪپڙا خريدڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ به غير قومن جو نقل ڪيو ويندو آهي، صَد اَفسَوس! اڄ مسلمان قرآن نٿا سکن، ڪافِرن جو فلسفو سکي وٺن ٿا، پنهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت کي نٿا ڏسون، ڪافِرن جو انداز اپنايون ٿا۔

شَور ہے ہو گئے دُنیا سے مسلماں نابُود                 ہم یہ کہتے ہیں کہ تھے بھی کہیں مسلم موجود؟

تم ہو صُورت میں نصاریٰ تو تمدن میں ہنود              یہ مسلماں ہیں جنہیں دیکھ کے شرمائیں یہود