Book Name:Zawal Kay Asbab

وٺندو آهي، گُنَاھ، نافرماني، عياشي، فضوليات ۾ حَد کان وڌندا ويندا آهن، تڏهن انهن تي الله پاڪ جو غضب نازِل ٿيندو آهي ۽ انهن کي وري تنزلي جي اونهي کڏ ۾ ڪيرايو ويندو آهي۔ قومن جي اها ئي تاريخ آهي۔

یاخدا! پاک وطن کی تُو  حفاظت فرما       فضل کر اس  پہ  سدا سایۂ رحمت فرما

اس کو تُو قَلْعۂ اسلام بنا دے یا رب!      میرے پیارے وطنِ پاک پہ  رحمت فرما

ہائے! بدمست گناہوں میں ہوئے اہلِ وطن  یا خدا سب کو عطا  نیک ہدایت فرما

بچہ بچہ ہو نمازی مِرے پاکستاں کا        اور  عطا جذبۂ پاپندیِ سُنّت کا

شکر  صد شکر  غلامی سے ملی آزادی       پھر عنایت  ہمیں کھوئی ہوئی شوکت فرما

اي عاشقانِ رسول! اڄ اسان پنهنجو جائزو وٺون ته شايد اسان تباهي جي آخري ڪناري تي بيٺل آهيون، اسان جي وڏڙن آزادي جو خواب ڏٺو هو، انهن ۾ جذبو هو، شوق هو، لڳن هئي، پوءِ انهن محنتون ڪيون، قربانيون ڏنيون، اُنهن جون محنتون رنگ لاتو، الله پاڪ اسان کي ملڪ عزيز پاڪستان عطا ڪيو، اڄ 75 سال کان پوءِ اسان جو معاشرو گُنَاهن جي وڪڙ ۾ آهي، عيش پرستي، حِرص لالچ، اجايو فخر ۽ غرور، دُنيا جي محبّت ۽ فضوليات جي ڪثرت آهي، ڄڻ تاريخ دُهرائي پئي وڃي، الله پاڪ اسان کي عُروج عطا ڪيو هو ۽ هاڻي اسان تباهي ڏانهن ڊوڙندا پيا وڃون، جيڪڏهن هاڻي به اسان نه سنڀلجي سگھياسين ته ياد رکو! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ اِذَاۤ اَرَادَ اللّٰهُ بِقَوْمٍ سُوْٓءًا فَلَا مَرَدَّ لَهٗۚ-وَ مَا لَهُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّالٍ(۱۱)     (پاره13،سورۂ رعد:11)

ترجموڪنزالعرفان:۽ اللہ جڏهن ڪنهن قوم سان برائيءَ جو اِرادو فرمائيندو آهي ته ان کي ڪوبه ٽارڻ وارو ناهي ۽ ان کان سواءِ انهن جو ڪو حمايتي نه آهي.

معلوم ٿيو؛ جڏهن قومون عياش پرست ٿي وينديون آهن، انهن جو ڪردار