Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الاَعمَالُ بِالنِّيات عملن جو دار ومدار نيتن تي آهي۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت اَفضَل ترين عَمَل آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! نيت ڪريو: * نگاهون هيٺ ڪري ڌيان سان بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين جي تعظيم جي خاطر جيتري دير ٿي سگھيو اَلتَّحِيات جي شڪل ۾ ويهندس * ضرورت مهل سمٽجي، سري ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * گُھورڻ، ڇڙٻ ڏيڻ، اٽڪڻ کان بچندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس * هٿ ملائيندس * ۽ نيڪي جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! * اڄ شَبِ براءَت يعني نجات جي رات آهي * اڄ ڀلائين واري، برڪتن واري، عظمتن واري رات آهي * رحمتن جي ڇما ڇم برسات(ٿيڻ واري رات) آهي * اڄ بخشش ۽ مغفرت جي رات آهي *هن رات رَبِّ ڪائنات پنهنجي ٻانهن تي خوب رحمتون نازِل فرمائيندو آهي * اڄ دُعائن جي قبوليت جي رات آهي * اڄ روزي تقسيم ٿيڻ جي رات آهي۔
آئی شَبِ براءَت، یہ ہے برکتوں کی رات لطف وکرم کی رات ہے، یہ رحمتوں کی رات
بارانِ فضل ہوتا ہے اس شب کو ہر گھڑی خوش بخت ہے جسے ملی یہ عظمتوں کی رات
جو چاہتے ہو، تم کو کرے گا خدا عطا اس کی عنایتوں کی ہے یہ نعمتوں کی رات
غم کا علاج آج کی شب دستیاب ہے یہ جاں فزا ہیں ساعتیں، یہ فرحتوں کی رات
کر لو مرض کے واسطے رب سے دُعا ابھی یہ ہے شفا کی رات، یہ ہے راحتوں کی رات
دامن بڑھاؤ مانگ لو خیراتِ مغفرت اے عاصیو! ہے جلوہ نما رافتوں کی رات
راضی کرو تمام جو ناراض تم سے ہیں صلح وصفا کی رات ہے، یہ قُربتوں کی رات