Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

قبر ۾ ڪم ايندڙ پهريون عمل نماز

اهي عمل جيڪي قبر ۾ ڪم ايندا، انهن مان پهريون عمل آهي: نماز، الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو نمازن جي لاءِ بهتر طَريقي سان وضو ڪري، وقت تي نماز ادا ڪري، رڪوع ۽ سجود خشوع و خضوع سان پُورا ڪري، اهو الله پاڪ جي ذمي تي آهي ته الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائي ڇڏي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز تمام اعليٰ عبادت آهي۔ نماز دين جو ستون آهي * نماز پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اکين جي ٿڌاڻ آهي * نماز بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضري جو ذريعو آهي نماز مومن جي معراج آهي * نماز قربِ اِلٰهي جو وسيلو آهي * نمازي کي الله پاڪ جي مدد ۽ نُصْرت ملي ٿي، نماز گُنَاھ مٽائي ٿي، نماز رُوح کي قرار ڏئي ٿي * نماز ظاهر و باطن کي سنواري ٿي * نماز رزق ۾ برڪتون آڻي ٿي * نماز قبر ۾ ڪم ايندي * نماز قبر جي گھبراهٽ کان بچائيندي * نماز عذابِ قبر کان بچائيندي۔

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                         ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                         ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ                  رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ             قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                                  آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

 اچو! نيت ڪريون ٿا ته اڄ کان اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي، اسان پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪنداسين، خُدانخواسته پهريان جيڪڏهن ڪا نماز قضا ٿي آهي ته اها به جلد کان جلد ادا ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيم!


 

 



[1]...ابوداؤد ، کتا ب الصلاۃ ، با ب المحا فظۃ علی وقت الصلوات،صفحہ:82،حدیث:425۔