Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

ڪاش! تمام ڪفن چور ا يئن هجن ها...!!

حضرت سعيد بن جُبَير رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان صحابيء رسول حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡه وٽ ويٺا هئاسين، ايتري ۾ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو: اي اِبنِ عبّاس! نافرمان(شخص) الله پاڪ وٽ ڪيترو ذليل آهي! جڏهن ته الله پاڪ جي اِطَاعت ۾ جلدي ڪرڻ وارو ڪيترو سٺو آهي! اي اِبْنِ عبَّاس! گنهگار ماڻهو الله پاڪ جي قُرْب کان ڪيترا غافِل آهن...!! اهو شخص ائين چئي هليو ويو۔ ماڻهن عرض ڪيو: عالي جاھ! هي شخص ڪفن چور آهي، اهڙي فِڪرِ آخرت واريون ڳالهيون ڪري هي پنهنجا گُنَاھ لڪائي ٿو، جڏهن رات ٿيندي آهي ته قبرستان وڃي ڪفن چوري ڪندو آهي۔ حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: ايئن نٿو ٿئي سگھي (يعني هڪ ڪفن چور اهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري سگھي)، جيستائين مان ان کي پنهنجي اکين سان ڪفن چوري ڪندي نه ڏسي وٺان، مان يقين نه ڪندس۔ ماڻهن عرض ڪيو: ٺيڪ آهي سائين، جيڪڏهن اوها اهو چاهيو ٿا ته اسان اوهان کي ڏيکارينداسين۔ جيئن ته رات ٿئي، اهو شخص جنهن کي ماڻهو ڪفن چور چئي رهيا هئا، اهو پنهنجي گھران نڪتو، قِندِيل (شيشي جي گولي وارو فانوس) هٿ ۾ پڪڙي قبرستان جي طرف نڪري پيو، ماڻهن حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ساڻ ڪري ان جي پويان هلڻ لڳا۔ اهو شخص قبرستان پهتو ۽ قبرستان وارن کي هيئن سلام ڪيائين: اي تنگ قبرن وارؤ! توهان تي سلام هجي، اي جَيتن ۽ ماڪوڙن جي خوراڪ بڻجڻ وارؤ! اي مصيبتن ۾ گرفتار مُڙدَئو! توهان تي سلام هجي۔ پوءِ چيائين: اي قبرستان وارؤ! توهان جو سَفَر ڪيترو ڊگھو آهي! توهان جي راھ ڪيتري خطرناڪ آهي! ڪاش! مون کي عِلم هجي ها ته توهان ڪهڙي حال ۾ آهيو؟ پنهنجي دُنياوي زِندگي تي شرمسار آهيو يا بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِر ٿيڻ تي خوش آهيو۔ توهان اسان کان پهريان اڳتي پهچي ويا، اسان توهان وٽ اچڻ جي انتظار ۾ آهيون، جتي توهان رهو پيا، اسان جو پڻ اتي قيام ٿيندو، الله پاڪ