Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
مردي کي ٽن ڏينهن کان بعد ڏسو ته...!
اَمِيرُ المُؤمنين حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري پنهنجي ڪنهن دوست کي فرمايو: ادا! موت جي ياد منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، مان سڄي رات جاڳندو رهيس ۽ قبر وارن جي باري ۾ سوچيندو رهيس، اي ڀاءُ! جيڪڏهن تون ٽن ڏينهن کان پوءِ مڙدي کي ان جي قبر ۾ ڏسين ته هڪ ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ ۾ ان سان گڏ رهڻ باوجود توکي ان کان وحشت ٿيڻ لڳي ۽ جيڪڏهن تون ان جو گهر يعني ان جي قبر جو اندريون حصو ڏسين جنهن ۾ ڪيڙا سُري رهيا آهن ۽ جسم کي کائي رهيا آهن، پونءِ وهي رهي آهي، سخت بدبوءِ اچي رهي آهي ۽ ڪفن به ڳري چڪو آهي۔ هاءِ! افسوس! غور ته ڪريو! اهو ئي مڙدو جنهن وقت زندھ هو، خوبصورت هو، خوشبو به سٺي استعمال ڪندو هو، ڪپڙا به عمدا پائيندو هو...!! راوي چوي ٿو؛ ايترو چوڻ کان پوءِ حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي رِقّت طاري ٿي وئي، هڪ رڙ ڪيائون ۽ بيهوش ٿي ويا. ([1])
حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ جنازي سان گڏ قبرستان تشريف وٺي ويا، اتي هڪ قبر وٽ ويهي سوچ ويچار ڪرڻ لڳا، ڪنهن عرض ڪيو: اي اَمِيرُ المُؤمنين! اوهان هتي اڪيلا ڪيئن تشريف فرما آهيو؟ فرمايائون: ”هاڻي هاڻي هڪ قبر مون کي سڏي چوڻ لڳي: اي عمر بن عبدالعزيز مون کان ڇونه ٿو پڇين ته مان پنهنجي اندر اچڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪريان ٿي؟ مون انهيءَ قبر کي چيو: مون کي ضرور ٻڌاءِ. اها چوڻ لڳي: جڏهن ڪو منهنجي اندر ايندو آهي ته مان ان جو ڪفن ڦاڙي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ۽ ان جو گوشت کائي ڇڏيندي آهيان، ڇا توهان مون کان هي نه پڇندؤ ته مان ان جي سَنڌن سان ڇا ڪندي آهيان؟ مون چيو، ضرور ٻڌاءِ. ته چوڻ لڳي: مان هٿن کي ڪرائين کان،