Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
بَسُوئے کُوئے مدینہ بڑھو درود پڑھو! جو تم کو چاہئے جنّت پڑھو درود پڑھو!
پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌي اوهان درودِ پاڪ جي برڪت! الحمد لله! اسان جو پيارو الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گھڻي محبت فرمائي ٿو، انهي ڪري ته ان درودِ پاڪ ۾ اهڙيون برڪتون رکيون آهن، ته جيئن ٻانها درودِ پاڪ پڙھندا رهن، محبوبِ رَبّ، سلطانِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذِڪر ٿيندو رهي ۽ ٻانهن جي بخشش جو سامان پڻ ٿيندو رهي۔ ڪاش! اسان به ڪثرَت سان درودِ پاڪ پڙھڻ جي عادَت بڻايون۔ شعبانُ المعظّم ۾ ته خاص ڪري ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙھڻ گھرجي جو شعبانُ المعظّم ته آهي ئي درودِ پاڪ جو مهينو۔ شيخ شهابُ الدِّين حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: بيشڪ شعبانُ المعظّم درود شريف پڙهڻ جو مهينو آهي ڇوجو آيتِ درود يعني سيپاري: 22، سُورت اَحزَاب جي مشهور آيت سڳوري
اِنَّ اللّٰهَ وَ مَلٰٓىٕكَتَهٗ یُصَلُّوْنَ عَلَى النَّبِیِّؕ-یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶) (پاره:22،سورۂ اَحْزاب:56)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي درود موڪلن ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.
هي آيت شعبانُ المعظّم ئي ۾ نازِل ٿي. ([1])
تیری اِک اِک ادا پر اے پیارے! سَو درودیں فدا، ہزار سلام
وہ سلامت رہا قیامت میں پڑھ لئے جس نے دِل سے چار سلام([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد