Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

تمام فضوليات ڇڏي ڏيون ۽ اسان بس قرآن ئي جا ٿي وڃون۔

 آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآن عام ہوجائے    تلاوت کرنا میرا کام صبح وشام ہوجائے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نمازِ تراويح جا فضائل

الحمدلله! رمضان المبارڪ جي آمد آمد آهي، روزن ۽ سحر و افطار سان گڏوگڏ تراويح جون به بهارون هونديون، حفاظِ ڪرام نمازِ تراويح ۾ قرآنِ ڪريم ٻڌائڻ جي سعادت ڪندا ۽ خوش نصيب عاشقانِ رسول قرآنِ ڪريم ٻڌي ڪري ثواب ڪمائيندا. الله ڪريم اسان کي خير و عافيت سان رمضان تائين پهچڻ نصيب فرمائي. اسان روزا به رکون، تلاوت به ڪيون ۽ خوب ذوق ۽ شوق سان نمازِ تراويح  به ادا ڪيون. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو رمضان ۾ ايمان سان ۽ ثواب جي طلب جي لاءِ قيام ڪري (مثلاً تراويح پڙهي)، ان جا گذريل (صغيره) گناھ بخشيا ويندا.([1]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ الله پاڪ رمضان جا روزا توهان تي فرض ڪيا ۽ مون توهان جي لاءِ رمضان جي قيام کي سنت قرار ڏنو آهي تنهنڪري جيڪو شخص رمضان ۾ روزا رکي ۽ ايمان سان ۽ حصولِ ثواب جي نيت سان قيام ڪري(يعني تراويح پڙهي) ته اهو پنهنجي گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن ولادت جي ڏينهن ان کي ان جي ماءَ ڄڻيو هو.([2])

اي عاشقانِ رسول! تراويح سنت مؤڪده آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته ان ۾ هرگز سستي نه ڪئي وڃي.


 

 



[1]... مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین، صفحہ:275، حدیث:759

[2]... نسائی، کتاب الصیام ، صفحہ:369، حدیث:2207