Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

گوڏن کي پِنين کان ۽ پِنين کي قدمن کان جدا ڪري ڇڏيندي آهيان. ايترو چوڻ کان بعد حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڏڪا ڀري روئڻ لڳا۔([1])

اندھیری قبر کا دِل سے نہیں نکلتا ڈر         کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یارَبّ!

                                                                                                                          گنہگار ہوں میں لائِقِ جہنّم ہوں        کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ! ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو! هي مٽي جا ننڍا ڀتر جن کي اسان ڏسي ڪجھ نوٽس وٺڻ بغير دُنياوي خيالن ۾ گم ٿئي گذري ويندا آهيون، ان مٽي جي ڀترن جو اندروني معاملو ڪيترو هولناڪ آهي پر افسوس! اسان عبرت نٿا وٺون۔ اسان دُنيا جي محبت ۾ اهڙا گم ٿي ويا آهيون جو اسان کي قبر ياد ئي نٿي اچي۔ افسوس! دِل جي سختي...!! اسان پنهنجي هٿن سان قبر ۾ مردا لاهيون ٿا، ڪنهن جو والِد دُنيا مان موڪلائي ويو، ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ  قبر ۾ لاٿو، ڪو پنهنجي عزيز جو جنازو پڙھي رهيو آهي، ڪو پنهنجي دوست جون اکيون بند ڪري رهيو آهي پر افسوس! دِل گُنَاھ ڪري ڪري اهڙي سخت ٿئي وئي آهي جو غفلت پري ٿئي نٿي۔ ڪاش! اسان عبرت وٺڻ وارا بڻجي وڃون! ڪاش! اسان کي قبر ۽ آخرت جي فِڪر نصيب ٿي وڃي۔

گو  پیشِ نظر قبرکا پُر ہَول گڑھا ہے        افسوس مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی

قبر جا دڙڪا

اي عاشقانِ رسول! اسان عبرت حاصل ڪيون يا نه، اسان کي فِڪر هجي يا نه هجي، موت ته هر حال م اچڻو ئي اچڻو آهي، افسوس خبر ناهي ڪڏهن موت اچي وڃي۔ هاءِ افسوس! مرڻ کان بعد اسان کي سخت اندھيري ۽ ننڍڙي قبر ۾ لاهي بند ڪيو ويندو، اسان جيتوڻيڪ بظاهر چُري به نه سگھنداسين پر سڀ ڪجھ سمجھي رهيا هونداسين، هاءِ! ان وقت اسان تي ڇا گذري رهي هوندي؟


 

 



[1]... اَلرَّوضُ الْفائِق، مجلس الثامن عشر فی قولہ تعالیٰ: یوم تبیض وجوہ،صفحہ:107مُلَخَّصاً ۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:78۔