Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
هڪ ڀيري حضرت اِبنِ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قبرستان تشريف وٺي ويا، پاڻ قبرن کي ڏسي موت جو شڪار ٿيندڙن بابت سوچ ويچار ڪري روئڻ لڳا، روئيندا رهيا، روئيندا رهيا، ايستائين جو ڏاڙھي مبارڪ ڳوڙهن سان ڀرجي وئي، پوءِ عربي جا شعر پڙھي فرمايائون: انسانو! خُدا جو قسم! نيڪ اَعمَال ۾ ڪوشش ڪريو! بيشڪ قبر توهان جي سامهون آهي، موت توهان کي ڳولهي رهيو آهي، جيڪو توهان جمع ڪري رکيو آهي، عنقريب اهو ورهايو ويندو، جيڪي عمارتون توهان تعمير ڪري رهيا آهيو، عنقريب ويران ٿي وينديون، پوءِ توهان کي تنگ قبر ۾ لاٿو ويندو، پوءِ جنهن وٽ نيڪ عملن جي سوغات هوندي، اُن جي قبر جنّت جي باغن مان باغ بڻجندي پر جيڪو نادان نيڪيون جمع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هوندو، ان جي قبر جهنّم جي کڏن مان هڪ کڏ بڻائي ويندي۔ اي ڀائرو! جلدي سان نيڪ عمل جمع ڪري وٺو...!([1])
اي عاشقانِ رسول! موت واقعي مٿي تي بيٺل آهي، افسوس! خبر ناهي ڪڏهن مَلَڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام ايندا ۽ اسان کي موت جي ننڊ سمهاريندا، ان کان پهريان جو گھڻي دير ٿي وڃي، اسان کي گھرجي ته جلد از جلد قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مَصرُوف ٿي وڃون۔ علّامه اِبنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي ڀاءُ! جيڪڏهن توهان اِهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان جي مرڻ کان بعد قبر ۾ توهان جو ڪهڙو حال ٿيندو ته ان جي لاءِ قبرستان وڃو! اتي موجود قبرن کي ڏسي غور و فِڪر ڪريو! خيالن ئي خيالن ۾ ڏسو ته توهان گھپ اندھيري قبر ۾ ليٽيل آهيو، هاڻي غور ڪيو ته قبر ۾ توهان کي ڪهڙي شيء جي ضرورت آهي؟ يقيناً توهان جو ضمير چوندو ته مون کي ان وقت نيڪ عملن جي ضرورت هوندي۔ هاڻي هي غور ڪريو ته جيڪڏهن توهان کي هينئر موت اچي وڃي ته