Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: چغل خوري ڪرڻ وارن کي الله پاڪ (قيامت جي ڏينهن) ڪتّن جي شڪل ۾ اُٿاريندو۔([1]) الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ اسان کي غيبت، چغلي ۽ هر طرح جي گُنَاهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرماءِ۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ پاڪيزه رهو
قبر ۾ نقصان پهچائڻ وارو چوٿون ۽ آخري بُرو عَمَل آهي: پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ۔ الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: گهڻو ڪري قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي۔([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ فرمائي۔ قبر جي تنگي ۽ وَحشت کان بچڻ جي لاءِ اسان ڪُل 8 ڪم ٻُڌا۔ انهن مان 4 ڪم اختيار ڪرڻا آهن: 1:نماز جي پابندي ڪرڻي آهي 2:صدقو خيرات جي عادت بنائڻي آهي 3:ڪثرت سان تِلاوت ڪرڻي آهي ۽ 4: ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻي آهي۔ ۽ 4 ڪمن کان بچڻو آهي: 1: ڪوڙ ناهي ڳالهائڻو 2: خيانت ناهي ڪرڻي 3: چغلي خوري کان بچڻو آهي ۽ 4: پيشاب جي ڇنڊن کان بچڻو آهي۔ هي 8 ڪم ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! الله پاڪ جي رحمت سان عذابِ قبر کان محفوظ ٿئي وينداسين۔ الله پاڪ اسان سڀني تي رحم فرمائي! ڪاش! اڄ جي بابرڪت رات ۾ اسان سڀئي بخشش ۽ مغفرت جي خيرات ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔