Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! ٻيهر رمضان المبارڪ جي آمد آهي، اچو! ترغيب جي لاءِ رمضان المبارڪ جي روزن ۽ اعتڪاف جون ڪجھ فضيلتون ٻڌي وٺون ٿا: مختلف روايتن جي مطابق. * روزيدار جو سمهڻ عبادت آهي. *روزيدار جي دعا ۽ عمل مقبول ٿيندو آهي. * روزيدار جي لاءِ ملائڪ سج لهڻ تائين مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن. * روزيدار جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن. * روزيدار کي الله پاڪ جنتي ڦل کارائيندو. * روزيدار کي الله پاڪ جنتي شراب مان سيراب ڪندو. * روزيدار جي لاءِ قيامت جي ڏينهن سون جو دسترخوان لڳايو ويندو. * روزيدار جو روزو ان جي گذريل گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو. * روزيدار جي چهري کي الله پاڪ جهنم کان 70 سال جي مسافت پري ڪري ڇڏيندو.[1]
جيڪو نادان ڪنهن شرعي مجبوري جي بغير رمضان جو روزو ڇڏي ڏئي ٿو اهو سخت گنهگار ۽ عذابِ نار جو حقدار آهي، روايتن جي مطابق رمضان شريف جو هڪ روزو جيڪو ڪنهن عذر شرعي جي بغير ڄاڻي واڻي ضايع ڪري ڇڏي ته هاڻي سڄي عمر روزو رکندو رهي تڏهن به اُن ڇڏيل هڪ روزي جي فضيلت نٿو ماڻي سگهي.[2]
الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان کي پنهنجي قهر ۽ غضب کان بچائي، ماھِ رمضان المبارڪ جا سڀئي روزا خوش دلي سان، ذوق ۽ شوق سان رکڻ جي توفيقي نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ملڪ ۽