Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

بيروني ملڪ هزارون مقامات تي اجتماعي اعتڪاف ڪرايو وڃي ٿو، اعتڪاف ماھِ رمضان المبارڪ تي گناهن کان بچي ڪري نيڪين ۾ گذارڻ جو بهترين طريقو آهي، هاڻي کان اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيت ڪيو. اچو! اعتڪاف جي فضائل تي 3 احاديث ٻڌون ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنم جي درميان 3 خندقون حائل ڪري ڇڏيندو، هرخندق جي مسافت(يعني دوري) مشرق ۽ مغرب جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي.)[1] (ام المؤمنين حضرت عائشہ صديقه، طيبه، طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَهٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ   جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.)[2]( هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪري ورتو اهو ايئن آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيا.)[3](

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حصو وٺو! هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! دين ۽ دنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم نيڪ اعمال به آهي.

الحمد لله! شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مُريدن،


 

 



[1]... شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الاعتکاف، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3965

[2]... جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480

[3]... جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479