Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

تُو اپنی موت کو مت بھول کر سامان چلنے کا    زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے

عزیزا یاد کر جس دن کہ عزرائیل آئیں گے    نہ جاوے کوئی تیرے سنگ اکیلا تُو نے جانا ہے

غُلامؔ اِک دَم نہ کر غفلت حیاتی پہ نہ ہو غُرَّہ    خدا کی یاد کر ہر دَم کہ جس نے کام آنا ہے

قبر جو هڪ عبرتناڪ ڪتبو

حضرت محمد بن سَمَّاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان قبرستان ويس، منهنجي نظر هڪ قبر جي ڪتبي تي پئي، ان تي هي عبرتناڪ شعر لکيل هئا:

تَمُرُّ اَقَارِبِي جَنْبَاتِ قَبْرِي                         ڪاَنَّ اَقَارِبِي لَمْ يعْرِفُوْنِي

منهنجا عزيز منهنجي قبر جي ڀرسان ايئن لنگھي وڃن ٿا، جيئن اهي مون کي سڃاڻن ئي نٿا۔

وَ قَدْ اَخَذُوْا سِهامَهمْ وَ رَاحُوْ                      فَيا لِلّٰه اَسْرَعُ مَا نَسُوْنِي

انهن وراثت مان پنهنجا حِصا ورتا ۽ راحت ماڻي، افسوس! منهنجي عزيزن ڪيترو جلدي مون کي وساري ڇڏيو.([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيتري عبرت جي ڳالھ آهي! اسان جي دُنيا مان وڃڻ کان بعد ڪجھ ڏينهن روڄ راڙو ٿيندو، قُلۡ شريف جو ختم، پوءِ ڏهو، چاليهو، ڪجھ عرصي قبر تي اچڻ ۽ فاتحه پڙهڻ جو سلسلو پڻ ٿيندو پوءِ... آهسته آهسته اُنهن جي ذهنن مان اسان جو خيال تائين لهي ويندو۔ افسوس! ڪجھ سال اسان جي قبر جو نشان رهندو، پوءِ آهسته آهسته اهو نشان به مٽي ويندو ۽ اسان ايئن ٿي وينداسين جيئن ڪڏهن دُنيا ۾ آيا ئي نه هئاسين۔

بےوفا دُنیا پہ مت کر اعتبار          تُو اچانک موت کا ہو گا شکار

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ         جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ

کام مال و زر نہیں کچھ آئے گا         غافِل انساں یاد رکھ پچھتائے گا

گورِ نیکاں باغ ہو گی خُلد کا           مجرِموں کی قبر دوزخ کا گڑھا


 

 



[1]... بستان الواعظین ،مجلس فی ذکر القبور،بکر بن حماد،صفحہ:158۔