Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
گر جہاں میں سو برس تُو جِی بھی لے قبر میں تنہا قیامت تک رہے
جب فرشتہ موت کا چھا جائے گا پھر بچا تجھ کو نہ کوئی پائے گا
موت آئی پہلواں بھی چل دئیے خوبصُورت نوجواں بھی چل دئیے
دُنیا میں رِہ جائے گا یہ دبدبہ زور تیرا خاک میں مل جائے گا
کھلکھلا کر ہنس رہا ہے بےخبر قبر میں روئے گا چیخیں مار کر
کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی
حضرت وهب بن مُنَبّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ بادشاھ هو، الله پاڪ ان کي گھڻين نعمتن سان نوازيو هو، تمام وڏي سلطنت هئي، شاهي زِندگي وڏي مزي سان گذري رهي هئي، هڪ ڏينهن بادشاھ سلامت پنهنجي سلطنت جو دَورو ڪرڻ جو ارادو ڪيو۔ تياريون شروع ٿيون، بادشاھ سلامت جي لاءِ ڪپڙا حاضِر ڪيا ويا، بادشاھ هڪ سُوٽ ڏٺو، پسند نه آيو، ٻيو ڏٺو، اهو به پسند نه آيو، سوين لباس ڏٺا، آخر انهن مان هڪ سُوٽ پسند آيو، بادشاھ سلامت اهو سُوٽ پاتو۔ وري سواري جي لاءِ گھوڙا حاضِر ڪيا ويا، بادشاھ سلامت سوين گھوڙن مان پنهنجي مرضي جو هڪ گھوڙو پسند ڪيو، پوءِ لشڪر حاضِر ٿيو، وڏي شان ۽ شوڪت سان بادشاھ سلامت سفر تي روانو ٿيو۔ اهڙا ٺَٺَ...!! ايڏو شان و شوڪت (ڏسي)...! بادشاھ سلامت غرور ۾ مبتلا ٿي ويو، تڪبر اچي ويو، هاڻي بادشاھ سلامت تڪبر جي نشي ۾ بدمست پنهنجي سلطنت جو دورو ڪري رهيو هو، غرور ۽ تڪبر جي ڪري ماڻهن ڏانهن ڏسڻ به پسند نه هو۔
انهيء غرور ۾ سَفر جاري هو ته هڪ غريب شخص بادشاھ جي سامهون آيو، پُراڻا ڪپڙا، ظاهري حال به سٺو نه هو، ان شخص بادشاھ کي سلام ڪيو.