Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پُکار           مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بےشُمار

یاد رکھ! میں ہوں اندھیری کوٹھڑی       تجھ کو ہو گی مجھ میں سُن! وحشت بڑی

میرے اندر تو اکیلا آئے گا          ہاں مگر اعمال لیتا آئے گا

گھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا      بےعمل! بےانتہا گھبرائے گا

کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی      قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

پيارا اسلامي ڀائرو! اها واقعي حقيقت آهي! بظاهر قبرستان ۾ خاموشي هوندي آهي، هر پاسي دهشت ڇانيل هوندي آهي پر انهن قبرن جي اندر جو ماحول اهڙو نه آهي، قبرون مٿان کان صِرف مٽي جو هڪ ڍير نظر اچن ٿيون پر انهن جو اندروني معاملو انتهائي تشويش ناڪ آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته ان سان قبر ۾ ڇا ٿيندو۔ الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: قبر جو منظر سڀني منظرن کان وڌيڪ هولناڪ آهي۔([1])

قبر جو سڀ کان پهريون ڪلام

حضرت مجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان کان قبر سڀ کان پهريون ڪلام اهو ڪندي آهي: مان ڪيڙن ماڪوڙن جو گھر آهيان، مان تنهائي جو گھر آهيان، مان وحشت جو گھر آهيان، مان اونداهي جو گھر آهيان، هي اهو آهي جيڪو مون تو لاءِ تيار ڪيو، ٻڌاءِ! تو منهنجي لاءِ ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ ([2])

تُو اپنی موت کو مت بھول کر سامان چلنے کا    زمیں کی خاک پر سونا ہے اینٹوں کا سرہانا ہے

نہ بیلی ہو سکے بھائی، نہ بیٹا باپ تَے مائی    تُو کیوں پھرتا ہے سودائی عَمَل نے کام آنا ہے


 

 



[1]...ترمذی،کتاب الزہد،باب:ما جاء فی ذکر الموت،ص554 ،حدیث:2308 ۔

[2]... احیاء العلوم،کتاب ذکر الموت و ما بعدہ،بیان حال القبر و اقاویلہم عند القبور،جلد:4،صفحہ:588۔