Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

ڪاش! اسان کي به قبر جي اونداھي جو فِڪر ٿئي۔ ڪاش! اسان به قبر جي ان وحشت ۽ تنهائي کي ياد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ ڪاش! اکين تان غفلت جا پردا هٽي وڃن، دِل دُنيا کان بيزار ٿي وڃي، گُنَاهن کان نفرت نصيب ٿئي ۽ اسان قبر روشن ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مَصرُوف ٿي وڃون۔

قبرون فَنَا جو پيغام ڏين ٿيون

اي عاشقانِ رسول! موت مٿي تي آهي، قبرستان ۾ هر ايندڙ ڏينهن نئين قبرن جو اِضَافو اسان کي فَنَا جو پيغام ڏئي رهيو آهي۔ اسان مان ڪير ڪهڙي وقت موت جي سيڙھي لهي قبر جي گهرائي ۾ وڃي پهچندو؟ ڪنهن کي خبر نه آهي۔ اسان هن دُنيا ۾ آيا ته هڪ ترتيب سان آهيون يعني پهريان ڏاڏو، پوءِ پيءُ، پوءِ پٽ، پوءِ پوٽو، دُنيا ۾ اچي ٿو پر مرڻ جي به اها ئي ترتيب هجي، اهو ضروري نه آهي۔ ڪيئي ڀيرا پوڙهو ڏاڏو زنده هوندو آهي پر پوٽو موت جو شڪار ٿي ويندو آهي، ڪنهن جو نانو سائين حيات هوندو آهي پر اَمڙ سائڻ جُدائي جو صدمو ڏئي ويندي آهي۔ اسان مان ڪنهن جي گھران ان جي ڀاءُ جو جنازو کڄو هوندو، ڪنهن جي امڙ نگاهن سامهون دم ٽوڙيو هوندو، ڪنهن جي پيءُ موت کي ڳلي لڳايو هوندو، ڪنهن جو جوان پٽ حادثي جو شڪار ٿي موت سان مليو هوندو، ڪنهن جي ڏاڏي جان قبر ۾ پهچي چڪي هوندي ته ڪنهن جي ناني جان جو وصال ٿي ويو هوندو، پنهنجي فوت ٿيڻ وارن انهن عزيزن جيان هڪ ڏينهن اسان به اوچتو هي دُنيا ڇڏي وينداسين۔ پوءِ اسان جو به قبر ۾ ٺڪاڻو ٿيندو، افسوس! اهو تنهائي جو گھر هڪ ڏينهن اسان جو مستقل مسڪن (يعني رهائش جو مقام) بڻجڻ وارو آهي.  

دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے    بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

ترا نازُک بدن بھائی جو لیٹے سیج پھولوں پر     یہ ہو گا اک دِن بےجاں، اسے کیڑوں نے کھانا ہے