Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

توهان وٽ قبر ۾ ڪم ايندڙ عمل موجود آهن؟ جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيء حالت تي مرڻ جي لاءِ تيار آهيو، توهان وٽ ايترا نيڪ عمل آهن جو جن جي بدولت توهان قيامت تائين جي لاءِ قبر ۾ آرام سان رِهي سگھندؤ ته پنهنجي انهيء حالت تي قائِم رهو ۽ استقامت سان نيڪ عمل ڪندا رهو ۽ جيڪڏهن ايئن نه آهي، توهان جا عمل قبر ۾ ڪم اچڻ وارا نه آهن، بلڪ توهان جا ڪم قبر جي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ وارا آهن ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جھڪي وڃو...! ۽ هڪدم تَوبه ڪري قبر جي تياري شروع ڪريو...! ([1])

تَوبه ڪري وٺو...!

اي عاشقانِ رسول! اڄ شبِ براءَت آهي، جهنّم کان ڇوٽڪاري جي رات آهي، بخشش ۽ مغفرت جي رات آهي۔ اچو! اڄ گُنَاهن کان سچي پڪي تَوبه ڪري وٺون، پهريان جيڪي گُنَاھ ٿيا، سي ٿيا، اڄ پنهنجي رَبِّ ڪريم کان انهن گُنَاهن جي معاف گھري وٺون، حق دارن جا حق ادا ڪري اڄ کان نيڪ ڪمن ۾ مَصرُوف ٿئي، قبر و آخرت جي تياري شروع ڪريون ٿا۔ بيشڪ اسان جي رَبِّ رحمٰن ۽ رحيم جي رحمت تمام وڏي آهي، جيڪڏهن اسان سچي دِل سان توبه ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! بخشش ۽ مغفرت جي خيرات مِلي ئي ويندي۔ سيپاري: 24، سورت زُمَر، آيت:53 ۾ ارشاد آهي:

قُلْ یٰعِبَادِیَ الَّذِیْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ(۵۳) (پاره:24،سورۂ زُمَر:53)                

ترجمو ڪنزالعرفان: اي منهنجا اهي ٻانها جن پنهنجي پاڻ تي زيادتي ڪئي! الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. بيشڪ الله سمورا گناھ بخشي ڇڏيندو آهي. بيشڪ اهو ئي بخشڻ وارو مهربان آهي.


 

 



[1]... بستان الواعظین ،مجلس فی ذکر القبور،العبرۃ بالقبور،صفحہ:156۔