Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
بادشاھ سلامت ته غرور و تڪبر جي نشي ۾ هو، غريب ماڻهو کي جواب ڏيڻ ان کي ڪڏهن وڻي ها۔ ان شخص چيو: بادشاھ سلامت! مون کي اوهان ۾ ضروري ڪم آهي۔ بادشاھ سلامت اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي۔ هاڻي ان غريب شخص وڏي دليري سان اڳتي وڌي گھوڙي جو لگام پڪڙي ورتو۔ هاڻي ته بادشاھ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين: اي شخص! لگام ڇڏ...! ان غريب شخص وري وڏي سادگي سان چيو: بادشاھ سلامت! مون کي اوهان ۾ نهايت ضروري ڪم آهي۔ بادشاھ سلطنت جي دوري تي هو، ڳالھ نه ٻڌي ها ته ماڻهو ڳالهيون ڪن ها، ان ڪري پنهنجي عزّت رکڻ جي لاءِ چيائين: ٻڌايو! ڪهڙو ڪم آهي؟ غريب شخص چيو: هڪ راز جي ڳالھ آهي، ڪن ۾ ٻڌائيندس۔ بادشاھ گھوڙي تي ويهي ئي مٿو جھڪايو، اُن شخص بادشاھ جي ڪن ۾ چيو: بادشاھ سلامت! مان مَلَڪ المَوت آهيان، توهان جو رُوح قبض ڪرڻ آيو آهيان۔
اَللّٰهُ اَڪۡبَرۡ! هاڻي ته بادشاھ سلامت جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، بادشاھ ڏڪڻ لڳو، چهري جو رنگ به بدلجي ويو، خوف مان ڏڪندي بادشاھ وڏي عاجزي سان چيو: اي مَلَڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام! هن وقت مون کي مهلت ڏيو! سلطنت جو دورو پُورو ڪري وٺان، گھر پهچي وڃان، پوءِ اوهان رُوح قبض ڪجو۔ مَلَڪ المَوت عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: الله پاڪ جو قسم! هاڻي توهان پنهنجي سلطنت کي نه ڏسي سگھندؤ، توهان کي پنهنجي اَهل و عيال وٽ وڃڻ جي به مهلت نه ملي سگھندي۔ مَلَڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام ايترو چئي بادشاھ جو رُوح قبض ڪيائين، ڪجھ ئي دير پهريان غرور و تڪبر جي نشي ۾ آڪڙجي هلڻ وارو بادشاھ زمين تي ڪِريو ۽ هميشه جي ننڊ سمهي رهيو۔
آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں سامان سو برس کا ہے، پَل کی خبر نہیں
کُوچ ہاں! اے بےخبر ہونے کو ہے کب تلک غفلت..! سحر ہونے کو ہے