Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

طالِبن ۽ مُحِبّن بلڪه سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي پنهنجي اِصلاح جو بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعْمَال۔ هي مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪيو، چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽس تان ڊاؤنلوڊ ڪريو بلڪ مزيد آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amaal ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪريو، ان کي پڙھو، ان جي مُطَابق روزانو پنهنجي اَعمَال جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيونڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو نکرجي، خوب صُورت ٿي ويندو۔

سڄو گھر نمازي بڻجي ويو

ضلعي اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گُنَاهن سان ڀرپُور زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڏسڻ، آواره گردي، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد ويس، مغرب نماز کان بعد بيان ٻُڌي گھڻو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال رسالي جو تعارُف ڪرايو، رسالو نيڪ اعمال ۾ نيڪين سان ڀريل زِندگي گذارڻ جا مدني گل ڏسي مون کي تمام گھڻي خوشي ٿي، هن رسالي جي صُورت ۾ شيخِ طريقت، امير ِاهلِ سنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اِصلاحِ اُمَّت جي لاءِ تڙپ ڏسي مون هٿوهٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏنو ۽ عطّاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامِل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دِل گُنَاهن کان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دِل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اَخلاق سَنوَرجڻ لڳا، منهنجي هن تبديلي جو منهنجي گھر وارن تي به سٺو اَثر ٿيو، الحمد لله! آهسته آهسته سڄو گھراڻو ئي قادري، رضوي، عطّاري ٿي ويو، گھر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گُنَاهن