Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

موت کان ڪنهن کي ڇوٽڪارو نه ملندو

پيارا اسلامي ڀائرو! هي دُنيا فاني آهي، واقعي فاني آهي، افسوس! موت اچڻو آهي، ضرور اچڻو آهي۔ جڏهن اسان دُنيا ۾ آياسين، هاڻي موت کي گلي لڳائڻو ئي پوندو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِیْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِیْكُمْ ثُمَّ تُرَدُّوْنَ اِلٰى عٰلِمِ الْغَیْبِ وَ الشَّهَادَةِ فَیُنَبِّئُكُمْ بِمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ۠(۸)

 (پاره:28،سورۂ جمعه:8)

ترجموڪنز العرفان: بيشڪ اهو موت جنهن کان توهان ڀڄو ٿا سو اهو ضرور توهان کي ملڻ وارو آهي پوءِ توهان ان جي طرف ڦيريا ويندؤ جيڪو هر غيب ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو  آهي پوءِ اهو توهان کي توهان جا عمل ٻڌائي ڇڏيندو.

مَلَڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلَام هر گھر ۾ اچي ٿو

اسان هي حقيقت ڄاڻون ٿا پر افسوس! دُنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي موت کي ايئن وساري ڇڏيون ٿا جيئن اسان کي مرڻو ئي ناهي، پر ياد رکو! اسان موت کي وساريون ٿا پر موت اسان کي نٿو وساري۔ حضرت امام حَسَن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مَلَڪ المَوت عَلَيۡهِ السَّلَام روزانو هر گھر ۾ 3 ڀيري تشريف آڻي ٿو ۽ غور سان ڏسي ٿو، انهن مان جنهن جو رِزق پُورو ٿي چڪا هجي، ان جو رُوح قبض ڪري ٿو، جڏهن رُوح قبض ٿيندو آهي ته انسان جا گھروارا روئڻ شروع ڪندا آهن، ان وقت مَلَڪ الْمَوت عَلَيۡهِ السَّلَام دروازي تي بيهي فرمائيندو آهي: مون توهان جو ڪو قُصُور ناهي ڪيو، مان ته الله پاڪ جي طرفان مُقَرَّر آهيان، مون کي توهان وٽ هر هر اچڻو آهي، ايستائين جو توهان مان ڪو به نه بچندو۔([1])


 

 



[1]...شرح الصُّدُور مترجم، صفحہ:107۔